English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪينجھر جي رھواسين جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو
views
|
07th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
منور ترڪ، اسماعيل ترڪ، علي نواز ترڪ، مظفر ترڪ پاران احتجاج ڪيو ويو
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ڪينجھر جي رھواسي ترڪ برادري جو بااثر ماڻھن جي زيادتين خلاف احتجاج، انصاف جو مطالبو، ان سلسلي ۾ ڪينجھر ھيلايا لڳ ڳوٺ محمد ترڪ جي ڪيترن ئي متاثر رھواسين منور ترڪ، اسماعيل ترڪ، علي نواز ترڪ، مظفر ترڪ ٺٽي ۾ صحافين اڳيان دانھيندي چيو اھي تہ اسان 10 مھينا اڳ پنھنجي زرعي 85 ايڪڙ زمين پنھنجي مرضي سان چوڌري اشرف کي مقادعي تي ڏني اھي، پر اسانجي برادري جي ڪجھ بااثر ماڻھن جن ۾ افضل ترڪ، عرفان ترڪ، ڪالو ترڪ، اعظم ترڪ، غلام حيدر ترڪ، ظھور ترڪ، ظفر ترڪ ۽ ٻيا شامل آھن، جن اسانجي ڏنل مقادعي واري زمين کي نقصان پھچائڻ توڙي ان ۾ بيٺل فصل کي طاقت جي زور تي مال کان ڀيلاڙ ڪرائي نقصان پھچائي مقادعيدار کان ڀتي ڏيڻ جي بہ گھر پيا ڪن، نہ ڏيڻ تي ان جو نقصان ڪري ھاڻي مقادعيدار جي منشي چوڪيدار عبدالله ناھيو پاران فصلن کي پھچندڙ نقصان کان بچائڻ لاء مذڪورہ ماڻھن کي روڪيو تہ ھنن عبدالله ناھيو مٿان حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪري سندس کيسي ۾ پيل 50 ھزار روپيہ ڪيش رقم ۽ اوطاق ۾ پاليل ھڪ ڪارو قيمتي تتر بہ کڻي ويا آھن، جڏھن تہ زخمي عبدالله ناھيو ھن وقت حيدراباد اسپتال ۾ علاج ھيٺ اھي، ھنن چيو تہ ٿيل حملي جو ڪيس ڪينجھر ٿاڻي تي مذڪورہ حملي آورن مٿان داخل ڪرائڻ باوجود اڃان تائين ڪينجھر پوليس حملي اور جوابدارن کي گرفتار ڪري ناھي سگھي، جيڪي کين ۽ مقاعديدار کي وڌيڪ نقصان جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا اھن، جن مان کين جاني مالي نقصان جو پڻ انديشو اھي، ھنن چيو تہ ساڻن توڙي سندن مقاعديدار چوڌري اشرف سان ٿيل ناانصافين توڙي کيس پھتل نقصان جون علائقي جي معززين کي بہ دانھون ڏنيون اھن، پر انھن خلاف ڪير بہ ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي. ھنن آء جي سنڌ، ڊي اء جي حيدرآباد، ايس ايس ٺٽو سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ ساڻن انصاف ڪري کين تحفظ ڏيڻ سان گڏ سندن زمين جي مقاعديدار کي پھتل نقصان جو ازالو ڪرائي ان جي زخمي چوڪيدار جو علاج ڪرائي ان تي حملو ڪري فصلن کي نقصان پھچائيندڙ سمورن حملي اور جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزائون ڏنيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindh Thatto
tark
prottest
0 تبصرے