ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ جا رھواسي پنھنجا اجھا بچائڻ لاء عورتن ۽ ٻارڙن سميت روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻو

بلڊر علي ڳڙھ روينيو عملي ۽ پوليس کي ڳري رشوت ڏئي اسان جي ڳوٺ کي ڊاھڻ چاھي ٿو، نوٽيس ورتو وڃي: مطالبو

ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ جا رھواسي پنھنجا اجھا بچائڻ لاء عورتن ۽ ٻارڙن سميت روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻو

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي نور محمد ڳوٺ جا رھواسي پنھنجا اجھا بچائڻ لاء مرد. عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت بلڊر مافيا. اينٽي انڪروچمينٽ پوليس. روينيو عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. مظاھري ۾ سنڌ نيشنل پارٽي. سنڌ ترقي پسند پارٽي سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاھرين بلڊر مافيا. اينٽي انڪروچمينٽ پوليس. روينيو عملي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين اعلي اختيارين کان کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي بلڊر مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. تفصيل موجب ڪراچي سھراب ڳوٺ ٽائون جي يوسي پنج نور محمد ڳوٺ کي ڊاھڻ جي سازش خلاف سياسي سماجي تنظيمن. قومپرست پارٽين پ پ اڳواڻ نور خان برفت. صفدر ابڙو. ايس اين پي جي سينيئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي. ايس ٽي پي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ رجب مگسي. اي اين پي اڳواڻ محمود خان. جامعه بنوريہ ٽائون جي ترجمان مفتي عبدالحميد توسيف. جماعت اسلامي جي امير عبدالستار برفت. سماجي اڳواڻ غلام شبير راجپر. پير فرخ شاھ سرھندي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳوڻي يوسي چيئرمين نور خان برفت صحافين سان ڳالهائيندي چيوته بلڊر علي ڳڙھ روينيو عملي ۽ پوليس کي ڳري رشوت ڏئي اسان جي ڳوٺ کي ڊاھڻ چاھي ٿو. ھنن چيو ته بغير نوٽيس جي روينيو عملي توڙي انڪروچمينٽ پوليس اسان جا مين دڪان ڊاھي ظلم ڪيو آھي. اسين ھتي سالن کان آباد آھيون ھي زمينون اسان جي موروثي زمينون وڏڙن جون جون ملڪيتون آھن. جيڪي اسين ڪنھن بہ صورت ۾ ڊاھڻ نه ڏينداسين. ايس اين پي جي سينيئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي چيوته ڪراچي ۾ قائم سنڌي آبادين خلاف سازشون ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. ڪراچي اندر غير ملڪي ڌارين جا قبضا آهن سرڪار کي اهي دهشتگرد نظر نٿا اچن پر امن پسند سنڌين کي بي دخل ڪرڻ جون سازشون ٿين پيون جنهن خلاف متحد ٿي سنڌي ڳوٺن جو تحفظ ڪنداسين. ايس ٽي پي اڳواڻ رجب مگسي چيو ته نگران حڪومت سنڌ ايندي ئي سنڌي آبادين خلاف سازشون شروع ٿي چڪيون آھن اسين سنڌ جي دل ڪراچي ۾ پنھنجي ننگن ۽ دڳن جو دفاع ڪنداسين. سنڌ ترقي پسند پارٽي پنھنجي جي مالڪي ڪندي نور محمد ڳوٺ جي رھواسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. اي اين پي اڳواڻ محمود خان چيوته ھڪ طرف حڪومت مھانگائي ڪري ھنن مسڪين ماڻھن کان جيئڻ جو حق ته کسي ورتو آھي پر مٿان ھنن جي ڇپر ڇانو جيڪي پوري زندگي ھنن مسڪين ماڻھن ھڪ ھڪ روپيو گڏ ڪري گھر ٺھرايا آھن حڪومت ھنن کان سندن گھر به کسڻ چاھي ٿي. جيڪا سازش ڪنھن بہ صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. نگران حڪومت بلڊر علي ڳڙھ ۽ ملوث انتظاميه خلاف نوٽيس وٺي ھن ڪاروائي کي روڪي. سماجي اڳواڻ غلام شبير راجپر ۽ پير فرخ شاھ سرھندي چيو تہ سھراب ڳوٺ کان نادرن باءِ پاس تي غير ملڪي آباد آھن جيڪي انتظاميه کي نظر ڇو نه ٿا اچن. ڌرتي ڌڻين خلاف سازشون ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين سنڌ جي ساڃانھ وندن کي اپيل ٿا ڪيون ته ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ سميت سنڌي ڳوٺن خلاف ٿيندڙ سازشن لاء آواز اٿارين. مظاھرين سپريم ڪورٽ. سنڌ ھاء ڪورٽ. نگران وزير اعلي سنڌ. گورنر سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نور محمد ڳوٺ سميت سنڌي آبادين خلاف سازشين جو نوٽيس وٺي بلڊر مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سنڌي ڳوٺن کي مالڪاڻان حق ڏئي انھن کي پڪو ڪيو وڃي.