ڪراچي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار ڌيءَ ۽ سندس دوست کي قتل ڪري ڇڏيو

واقعي بعد جوابدار رفيق شيخ گرفتاري ڏئي ڇڏيو، غيرت ۾ اچي قتل ڪرڻ جو اعتراف

ڪراچي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار ڌيءَ ۽ سندس دوست کي قتل ڪري ڇڏيو

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)غيرت جي نالي تي والد پنھنجي ڌيءَ ۽ سندس مبينا پريمي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس ناري جي والد کي گرفتار ڪري ورتو. قتل ڪيس ۾ گرفتار ناري جي پيءُ غيرت جي نالي تي قتل جو اعتراف ڪري ورتو. تفصيل موجب ڪراچي سچل ڳوٺ ٿاڻي جي حد ابو الحسين اصفهاني روڊ بکر ڪالوني ۾ غيرت جي نالي تي ناري جي والد ڪار مٿان فائرنگ ڪري پنهنجي ڌيءُ ۽ سندس مبينا پريمي کي قتل ڪري ڇڏيو. جن جي سڃاڻپ 18 ورھين جي حسن ولد نامعلوم ۽ 17 ورھين جي ناري لاريب ولد رفيق شيخ جي نالي سان ڪئي وئي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي سچل ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس جاء واردات تي پھچي وئي فائرنگ ڪندڙ ناري جي والد رفيق شيخ کي گرفتار ڪري ورتوايس ڊي پي او سهراب ڳوٺ چوڌري سهيل فيض ناري ۽ ڇوڪري جي قتل واري واقعي بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ناري ۽ مبينا پريمي نوجوان پاڻ ۾ دوست ھيا ۽ مبينا پريمي نوجوان ناري کي صبح جو گھر ڇڏڻ لاء آيو ھيو. چوڌري سهيل فيض چيو ته ٻئي گاڏي ۾ ويٺا ۽ ھڪ ٻي سان ڳالهائي رهيا هئا، پيءُ ڏٺو ته ڌيءَ گهر ۾ موجود نه هئي، ڌيءَ جي گهر ۾ نه هجڻ سبب جوابدار رفيق ڪاوڙ ۾ آيو ۽ ڪار مٿان فائرنگ ڪري ڏني. واقعي ۾ ملوث ناري جي پيءُ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار پيءُ غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، گاڏي تي گولين جا ڪيترائي نشان موجود آهن جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان پستول جا 7 خول هٿ ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف مقتول نوجوان حسن جي والد ايس پي سهراب ڳوٺ آفيس پهتو ۽ ٻڌايو ته منھنجو پٽ گاڏين جي شوروم تي ڪم ڪندو ھيو، مون کي واقعي جي ڪا به خبر ناهي. جڏھن ته پوليس ٻنھي مقتولن جا لاش ضروري ڪاروائي بعد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا ۽ ويگو گاڏي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو