English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪريءَ ڀرسان معصوم نينگري پيدائشي گهمڻ ڦرڻ کان لاچار، والدين سخت پريشان
views
|
31st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ دريا خان مڱريو واسڻ 7 ورهين جي سونيا ميمڻ جي وارثن کي ڪراچي جي آغا خان اسپتال مان علاج جو مشورو
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪريءَ ڀرسان ڳوٺ دريا خان منڱريو جي رهواسڻ 7 ست سالا سونيا ميمڻ ڌي نثار احمد عرف عدن ميمڻ ڄائي ڄم کان وٺي گهمڻ ڦرڻ کان لاچار،ڊاڪٽرن پاران نياڻي جو آغا خان اسپتال ڪراچي مان علاج ڪرائڻ جو مشورو، غربت سبب سندس والدين ڪراچي مان علاج ڪرائڻ کان قاصر، سندس والدين اڄ به ڪنهن مسيحا جي اوسيئڙي ۾. تفصيل موجب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ دريا خان منڱريو جي 7 سالا نياڻي سونيا ميمڻ ڌيءَ نثار احمد عرف عدن ميمڻ ڄائي ڄم کان وٺي معذوري جي لپيٽ ۾ ويٺي زندگيءَ جا ڏينهن ڳڻي رت روئي رهي آهي ۽ پاڻ جيڏين نينگرين کي راند روند ۾ مشغول ڏسي کين حسرت مان نهاري واپس ڀانڀڙا پائي پنهنجي گهر ڪنڊ ۾ ويهي ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، ان موقعي تي سندس والد نثار احمد عرف عدن ميمڻ جو چوڻ هو ته مونکي رب پاڪ ٽن ٻچڙن سان نوازيو آهي منهنجي هيءَ ڌيءَ جنهن جي عمر 7 ست سال آهي جيڪا ڄائي ڄم کان معذور آهي اسان پنهنجي نياڻي سونيا جو وس آهر علاج به ڪرايو آهي هتان جا ڊاڪٽر آغا خان اسپتال ڪراچي مان نينگري جو علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهن جڏهن ته مونکي ٻچڙن کي رهائڻ لاءِ پنهنجي جڳھ به نه آهي، هاڻي اسان کي اها مالي وصيت به ڪانهي جو پنهنجي معصوم گلن جهڙي نينگريءَ جو وڌيڪ علاج ڪرائي سگهون، تازو پيل برساتن ۾ منهنجو جڳهو ڊهي پٽ پئجي ويو آهي مونکي رهڻ لاءِ پنهنجي جڳھ به ناهي مائٽن وٽ تنبو هڻي رهيل آهيون، اسان کي اهو لمحو انتهائي ڏکوئيندڙ لڳندو آهي جڏهن پاڙي جا ننڍڙا ننڍڙا معصوم ٻارڙا هڪٻئي سان راند روند ڪندا آهن ۽ منهنجي معصوم نياڻي کين حسرت وچان ڏسندي دل برداشت ٿي معصوم حسرتن سان واپس گهر موٽندي آهي ۽ اڀ ڏانهن نهاري پنهنجون اکيون آليون ڪري ڪنڊائتي ويهندي آهي، اسين غريب نهايت مسڪين ماڻهون آهيون خدا کان سواءِ ڪو ٻيو مددگار نه آهي، اسان مسڪين ماڻهن جي وس وارن کي گذارش آهي ته خدارا اوهان به ٻچڙن وارا آهيو خدا ڪارڻ مون غريب جي نياڻي جي علاج لاءِ مون مسڪين جي مدد ڪريو خدا اوهان جي ٻچڙن کي شاد و آباد رکندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindh dokri
Protest
0 تبصرے