English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪريءَ ڀرسان معصوم نينگري پيدائشي گهمڻ ڦرڻ کان لاچار، والدين سخت پريشان
259 views
|
31st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ دريا خان مڱريو واسڻ 7 ورهين جي سونيا ميمڻ جي وارثن کي ڪراچي جي آغا خان اسپتال مان علاج جو مشورو
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪريءَ ڀرسان ڳوٺ دريا خان منڱريو جي رهواسڻ 7 ست سالا سونيا ميمڻ ڌي نثار احمد عرف عدن ميمڻ ڄائي ڄم کان وٺي گهمڻ ڦرڻ کان لاچار،ڊاڪٽرن پاران نياڻي جو آغا خان اسپتال ڪراچي مان علاج ڪرائڻ جو مشورو، غربت سبب سندس والدين ڪراچي مان علاج ڪرائڻ کان قاصر، سندس والدين اڄ به ڪنهن مسيحا جي اوسيئڙي ۾. تفصيل موجب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ دريا خان منڱريو جي 7 سالا نياڻي سونيا ميمڻ ڌيءَ نثار احمد عرف عدن ميمڻ ڄائي ڄم کان وٺي معذوري جي لپيٽ ۾ ويٺي زندگيءَ جا ڏينهن ڳڻي رت روئي رهي آهي ۽ پاڻ جيڏين نينگرين کي راند روند ۾ مشغول ڏسي کين حسرت مان نهاري واپس ڀانڀڙا پائي پنهنجي گهر ڪنڊ ۾ ويهي ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، ان موقعي تي سندس والد نثار احمد عرف عدن ميمڻ جو چوڻ هو ته مونکي رب پاڪ ٽن ٻچڙن سان نوازيو آهي منهنجي هيءَ ڌيءَ جنهن جي عمر 7 ست سال آهي جيڪا ڄائي ڄم کان معذور آهي اسان پنهنجي نياڻي سونيا جو وس آهر علاج به ڪرايو آهي هتان جا ڊاڪٽر آغا خان اسپتال ڪراچي مان نينگري جو علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهن جڏهن ته مونکي ٻچڙن کي رهائڻ لاءِ پنهنجي جڳھ به نه آهي، هاڻي اسان کي اها مالي وصيت به ڪانهي جو پنهنجي معصوم گلن جهڙي نينگريءَ جو وڌيڪ علاج ڪرائي سگهون، تازو پيل برساتن ۾ منهنجو جڳهو ڊهي پٽ پئجي ويو آهي مونکي رهڻ لاءِ پنهنجي جڳھ به ناهي مائٽن وٽ تنبو هڻي رهيل آهيون، اسان کي اهو لمحو انتهائي ڏکوئيندڙ لڳندو آهي جڏهن پاڙي جا ننڍڙا ننڍڙا معصوم ٻارڙا هڪٻئي سان راند روند ڪندا آهن ۽ منهنجي معصوم نياڻي کين حسرت وچان ڏسندي دل برداشت ٿي معصوم حسرتن سان واپس گهر موٽندي آهي ۽ اڀ ڏانهن نهاري پنهنجون اکيون آليون ڪري ڪنڊائتي ويهندي آهي، اسين غريب نهايت مسڪين ماڻهون آهيون خدا کان سواءِ ڪو ٻيو مددگار نه آهي، اسان مسڪين ماڻهن جي وس وارن کي گذارش آهي ته خدارا اوهان به ٻچڙن وارا آهيو خدا ڪارڻ مون غريب جي نياڻي جي علاج لاءِ مون مسڪين جي مدد ڪريو خدا اوهان جي ٻچڙن کي شاد و آباد رکندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Sindh dokri
Protest
0 تبصرے