English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملڪ معاشي بحران ۾ آهي، ڪنهن به ملازم جي پگهار 2 لک روپين کان وڌيڪ نہ هجي: اياز لطيف پليجو
309 views
|
31st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
هزار سي سي کان وڌيڪ گاڏين تي پابندي لڳائي وڃي، انتهاپسندي ۽ ڪرپشن جڙ مان ختم ڪئي وڃي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي آهي تہ ملڪ معاشي بحران ۾ آهي هنگامي قدم کنيا وڃن ڪنهن بہ ملازم جي پگهار 2 لک روپين کان وڌيڪ نہ هجي، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سولر قرض ڏنو وڃي۔ اياز لطيف پليجي پاڙيسري ملڪن سان ٽڪراءُ بجاءِ تجارت ڪئي وڃي، وڏن گهرن، وڏين دڪانن، وڏين گاڏين جي مالڪن کان ٽئڪس وٺو. 20 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جي مالڪن کي ٽئڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، سمورن ڪرپٽ آفيسرن ۽ سياستدانن کي گرفتار ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ هزار سي سي کان وڌيڪ گاڏين تي پابندي لڳائي وڃي، انتهاپسندي ۽ ڪرپشن جڙ مان ختم ڪئي وڃي نگران حڪومت کي عوام جو ڪو فڪر نہ آهي، غلط معاشي پاليسي ۽ آئي ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي ھلڻ جي سزا ملڪ جو عوام ڀوڳي رھيو آھي. حڪمرانن وٽ ڪا بہ عوام دوست معاشي پاليسي ناھي. موجوده نگران حڪومت بہ عوام لاء ماضي جي حڪومتن جو تسلسل ثابت ٿي آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ عالمي سامراجي طاقتون نٿيون چاھين تہ پاڪستان جون خودمختيار پاليسيون ھجن ۽ اھو معاشي طور مستحڪم ھجي ۽ ترقي طرف وڌي سگھي، ان ڪري انھن سازشن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ اتحاد جي ضرورت آھي، خودمختيار معاشي پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آھي، صوبن کي پنھنجن وسيلن تي اختيار ڏئي انھن کي وڌيڪ ترقي يافتا بنائڻ جي ضرورت آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ عالمي ليول، ملڪي ۽ سنڌ جي بدلجندڙ حالتن ۾ پاڻ کي تيزيءَ سان تبديل ۽ بھتر ڪيو، جيڪو جدت، دانائي ۽ تبديلي قبول نہ ڪندو، فنا ٿي ويندو، نوان علم، نوان ھنر، نوان فن سکو.. پِٽڪو ڪرڻ، مھم جوئي ڪرڻ، عارضي ڊرامائي اعلان ڪرڻ سان ڪجھ نہ ورندو، مستقل مزاجي سان ڊگھي ۽ اڻورچ جدوجھد ڪرڻي پوندي. سنڌيو،نوجوانو، خوف، مايوسي، دلشڪستگي، منافقي ۽ مصلحت جون ديوارون ٽوڙي ڇڏيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Qoumi awami tahreek
Ayaz latif palijo
QAT
Sindhyani tahreek Sindiani
0 تبصرے