سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ پاران راڻيپور ۽ ٻين واقعن خلاف بک هڙتالي ڪيمپ قائم

نياڻي فاطمه ڦرڙو جي واقعي انسانيت جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، جان محمد مهر جو قتل حق ۽ سچ جو قتل آهي: اڳواڻ

سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ پاران راڻيپور ۽ ٻين واقعن خلاف بک هڙتالي ڪيمپ قائم

حيدرآباد(بيورو) سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ راڻيپور ۾ شھيد فاطمه ڦرڙو ۽ ٻين نياڻين، شھيد جان محمد مھر ۽ ٻين صحافين ۽ معصوم ٻارڙن جي قتل خلاف حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان 24 ڪلاڪن جي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، رفيعہ پليجو، نصرت خاصخيلي، فرحانه سولنگي، فريده دل، زينت سنڌي، راحيلا ڀٽو، صبا سمون، بختاور چنڊ، ھميرا اختر، زاھده شيخ جي اڳواڻي ۾ سوين عورتون شريڪ ٿيون، جڏھن تہ قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سينيئر صحافي اقبال ملاح، ڊاڪٽر بختاور ڄام، سورمي ڊويلپمينٽ وومين سوسائٽي سنڌ جي چيئرمين عابده ماروي سمون، صدف ڪيريو، غلام نبي ڪيريو، رحمت الله سولنگي ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ پڻ احتجاج ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي زينت سمون ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ معصوم فاطمه ڦرڙو جو قتل انسانيت جو قتل آھي، سنڌ کي عورتن ۽ ٻارن جي مقتل گاھ بنايو ويو آھي. جاگيرداري، سرداري، وڏيرا شاھي سنڌ کي انساني حقن جي لتاڙ جو مرڪز بنائي ڇڏيو آھي. سنڌ کي نياڻين، ٻارن، صحافين، پورھيتن جي مقتل گاھ بنايو ويو آھي. آئي ڏينھن ڪنھن نہ ڪنھن شھر ۾ ڪنھن ٻار، نياڻي، پورھيت يا صحافي کي قتل ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ انصاف جي حڪمراني ناھي. سردارن، وڏيرن، جاگيردارن کي ھٿ وٺي مضبوط ڪري جرڳائي نظام مڙھيو ويو آھي، جنھن ڪري نياڻين جا قاتل، معصوم ٻارڙن جا قاتل، صحافين، نوجوانن ۽ پورھيتن جا وحشي قاتل سزا کان بچيل آھن ۽ آزاد گھمي رھيا آھن. معصوم شھيد فاطمه ۽ صحافي جان محمد مھر جي قاتلن کي ڦاسي ڏني وڃي. ايس جي ايس ٽي جي رفيعہ پليجو چيو تہ شھيد جان محمد مھر جو قتل انصاف جو قتل آھي، سينيئر صحافي کي قتل ڪري حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. جا محمد مھر ھميشه مظلومن جو آواز بنيو آھي، ھن بي سھارا ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پھچايو آھي سنڌ ۾ انصاف نالي ڪا شئي ناھي. ھڪ طرف سنڌ جا وسيلا نيلام ڪيا پيا وڃن. ڪراچي کان ڪوھستان ۽ ساحلي پٽي جي لکين ايڪڙ زمين غير قانوني افغانين ۽ ٻين پرڏيھين جي حوالي آھي تہ ٻئي طرف ڌاڙيل ماڻھو اغوا ڪري رھيا آھن. پيرن، سيدن جي حويلين، سردارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ڪوٽن ۾ معصوم نياڻين کي وحشت جو نشانو بنائي قتل ڪيو وڃي ٿو. جيئن معصوم فاطمه ڦرڙو کي جانورن وانگر بربريت ۽ وحشت جو نشانو بنايو ويو.سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ شھيد فاطمه ڦرڙو ۽ شھيد جان محمد مھر جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ۾ شريڪ آھي نصرت خاصخيلي چيو تہ معصوم فاطمه ڦرڙو جو قتل انسانيت جو قتل آھي. اسڪول وڃڻ ۽ راند کيڏڻ جي عمر ۾ معصوم ٻارڙي سان وحشتناڪ سلوڪ ڪيو ويو، سفاڪ قتل جي ڪري انسانيت جو ڪنڌ جھڪيل آھي. زاھده شيخ چيو تہ سنڌ ۾ ڪو بہ ٻار، نوجوان، پورھيت، اقليت، استاد يا صحافي محفوظ ناھي. سنڌ ۾ رڳو حڪمران ۽ انھن جا خاندان محفوظ آھن. ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي ڪنھن بہ شھر ۾ ڪو بہ ڏوھاري جنھن وقت چاھي ڪنھن کي به ٽارگيٽ ٺاھي قتل يا اغوا ڪري سگھي ٿو. فريده دل چيو تہ حڪمرانن سنڌ کي وحشت، بربريت ۽ المناڪ سانحن جي سرزمين بنائي ڇڏيو آھي. معصوم ٻار به محفوظ ناھن. معصوم فاطمه جي قتل سبب سڄي سنڌ ڏکاري آھي. ھر ماڻھو روئي رھيو آھي. طاقتور ماڻھو فاطمه ڦرڙو ۽ جان محمد مھر جي قاتلن کي بچائڻ جون ڪوششون ڪري رھيا آھن. پر سنڌ جا ماڻھو قاتلن جي انجام کي پھچائيندا. بختاور ڄام چيو تہ شھيد فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مھر جي قتل جي ڪري سڄي سنڌ ڏک ۽ تڪليف مان گذري رھي آھن. وحشتناڪ واقعن جي ڪري ماڻھو رستن تي آھن. قاتلن کي منطقي انجام تي پھچايو ويندو. فرحانه سولنگي چيو ته امن جي سرزمين سنڌ کي معصوم نياڻين، ٻارن ۽ نوجوانن جي خون سان وھنجاريو پيو وڃي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو چيو تہ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڏوھارين، ڌاڙيل، سردارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن کي طاقتور ڪيو آھي. ھاري، پورھيت، مزدور بي يارو مددگار آھن. سڄي سنڌ ۾ معصوم ٻارن سان درندگي جا واقعا پيش اچن ٿا. آزاد صحافت جو آواز دٻائڻ لاءِ سينيئر صحافين کي قتل ڪيو وڃي ٿو. قومي عوامي تحريڪ اھڙن واقعن کي دھشتگردي سمجھي ٿي. اسين ان ناانصافي، ظلم، بربريت ۽ وحشت خلاف خاموش نہ ويهنداسين.