ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس قمبر ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب لاڙڪاڻو پاران کلي ڪچهري منعقد

علي اڪبر جاگيراڻي جي کلي ڪچهري ۾ مختلف ادارن جي سرڪاري ملازمن پنھنجا پنھنجا مسئلا پيش ڪيا

ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس قمبر ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب لاڙڪاڻو پاران کلي ڪچهري منعقد

قمبر (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس قمبر ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي پاران عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس قمبر شھدادڪوٽ ۾ ھڪ کليل ڪچھري منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر عبدالرؤف سومرو، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر طارق علي، اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر سيد محمد شاھ، محمد نواز ميمڻ، شرڪت ڪئي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ناڻي کاتي واري آفيس ۾ منعقد ٿيل کليل ڪچھري ۾ مختلف ادارن جي سرڪاري ملازمن پنھنجا پنھنجا مسئلا پڻ پيش ڪيا. ان موقعي تي مسئلن جي حل لاءِ پھتل ماڻھن پاران پينشن، جي پي ڦنڊ ۽ پگهارن سميت مختلف معاملن جي حل لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب علي اڪبر جاگيراڻي کي درخواستون پڻ ڏنيون ويون جنھن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب عوام جا مسئلا غور سان ٻڌا ۽ ڪيترائي معاملا فوري طور تي حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا کليل ڪچھري دوران ريجنل ڊائريڪٽر علي اڪبر جاگيراڻي ناڻي کاتي قمبر-شهدادڪوٽ جي آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو تہ کليل ڪچهري ڪرڻ جو مقصد اهو آهي تہ عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن کليل ڪچھري ۾ ميڊيا جي نمائندن پاران عوام جي جائز مسئلن جي حل ۾ ٿيندڙ دير واري سوال جي جواب ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر قمبر شھدادڪوٽ عبدالرؤف سومرو چيو تہ اسان پاران ڪوشش هوندي آهي تہ عوام جا مسئلا جلد کان جلد حل ڪيا وڃن پر عوام پاران مختلف کاتن کان ٽريزري آفيس کڻي ايندڙ ڪيس گهڻي قدر قانون موجب اڻپورا هوندا آهن جنھن سبب قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪجهہ ڪيسن ۾ دير ٿيندي آهي ان موقعي تي مختلف ادارن جي ملازمن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.