English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن پاران احتجاجي مظاھرو
57 views
|
22nd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
ٽائون آفيسر ڪوڙا بل ٺاھي ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪري رھيا آھن، جاچ ڪرائي وڃي: مطالبو
نوشھروفيروز(ڊ ر) ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن نويد عبدالله شيخ۔ ساجد تڳر ۽ ٻين ميونسپل آفيسر وليد احمد شورو۔ اڪائونٽنٽ شيراز شيخ۔ ڪلارڪ اصغر چنا جي رشوت خوري ۽ ناجائزين خلاف ميونسپل آفيس اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان ايمانداري سان پنهنجي ڊيوٽي ڪندا آھيون۔ جڏهن ته صفائي لاء استعمال ٿيندڙ ٻهارا۔ لڪڙا۔ ڪوڏر۔ ٽراليون به اسان پنهنجي پگهار کان وٺندا آھيون سرڪار طرفان صفائي لاء ايندڙ ڪروڙين رپين جي بجيٽ ميونسپل آفيسر۔ اڪائونٽنٽ شيراز شيخ۔ ڪلارڪ اصغر چنا ڪوڙا بل ٺاهي هضم ڪري رهيا آھن۔ هنن چيو ته صفائي ڪندڙ سوين ملازمن کي ويزا تي ڇڏيو ويو آھي جنهن مان 8 کان 10 هزار رپيا ماهوار ورتا وڃن ٿا ۽ هاڻي ڪرپٽ عملو اسان کي به ويزا تي وڃڻ لاء پريشان ڪري رهيو آھي ۽ اسان کي صفائي وارو سامان به نه پيو ڏنو وڃي۔ نويد شيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان وارڊ نمبر 8 ۾ پنهنجي ڊيوٽي ڪندو آھيان جڏھن ته صفائي واري سامان تي پنهنجو ذاتي خرچ ڪندو آھيان۔ گٽرن جي گندي پاڻي ۾ لهڻ ڪري منهنجي چھري ۽ جسم تي الرجي جا نشان ٿي پيا آھن جنهن جو علاج ڪرائڻ لاء به ٽائيم نه ٿو ملي ۽ موڪل واري ڏينهن به ڪم ڪندو آھيان ان باوجود مون کي ڌمڪيون ڏين ٿا ته ڊيوٽي نه ڪر هر مهيني 8 هزار ڏي نه ته تنهنجي بدلي ڪرائي ڇڏينداسين مان مسڪين غريب آھيان ننڊا ننڊا ٻچا آھن مون کي مجبور ڪيو پيو وڃي اعلي اختاريون نوٽيس وٺي ملازمن سان زيادتيون ڪندڙ ۽ صفائي جي مد ۾ ايندڙ بجيٽ ڪرپشن جي نظر ڪندڙ انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
بدين: کیلاش کولہی کے قتل کے خلاف دوسرے روز بهی دھرنا جاری، زمیندار سرفراز نظامانی کی گرفتاری کا مطالبه
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
عابدہ پروین کی وفات کی خبریں جھوٹی، بیٹی نے تصدیق کردی
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تلھار ۾ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ويجهو ڪوهيڙي سبب حادثو، 10ڄڻا زخمي
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Town
noshahroferoz
prottest
0 تبصرے