نوشھروفيروز ۾ عورت جو معصوم ٻارڙن سميت پوليس خلاف احتجاج، گھر مان ڌاڙي جو الزام

ايس ايڇ او محمد ابراھيم سومرو پوليس اھلڪارن سان گڏجي گھر مان لکين روپين جو ڌاڙو ھنيو: نثار بيبي

نوشھروفيروز ۾ عورت جو معصوم ٻارڙن سميت پوليس خلاف احتجاج، گھر مان ڌاڙي جو الزام

نوشھروفيروز(ڊ ر) نوشھروفيروز پوليس شھرين جي محافظ بڻجڻ بدران ڦورو بڻجي وئي شھر جي آصف ڪالوني ۾ مالڪن جي غيرموجودگي ۾ گهر جا تالا ٽوڙي پيتين مان سامان ڪڍي لکين رپين جو سون ۽ ڪيش رقم کڻي فرار ٿي وئي گهرڀاتين جي پهچڻ تي معصوم ٻار سميت عورتن کي تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي وئي پوليس جي زيادتين خلاف گهر مالڪياڻي نثار بيبي صحافين آڏو دانهون چيو ته نوشھروفيروز پوليس جو ايس ايڇ او محمد ابراهيم سومرو پنهنجي پوليس اهلڪارن سان گڏجي اسان جي غير موجودگي ۾ گهر جا تالا ٽوڙي گهر ۾ پيل لکين رپين جو سون ۽ 80 هزار روڪ رقم کڻي ويو آھي۔ پاڙي وارن جي اطلاع تي جيئن اسان گهرپهتاسين ته هن معصوم ٻار سميت اسان کي تشدد جو نشانو بڻايو جيڪا سراسر ناانصافي آھي۔ هن چيو ته اسان شريف شھري آھيون محنت مزدوري ڪري گذر سفر ڪندا آھيون پر نوشھروفيروز جو بدمست ايس ايڇ او اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي۔ ماڻهن جي ڪوڙن اڦواهن تي اسان کي تنگ ڪري رهيو آھي۔ متاثر عورت ڊي آء جي شھيد بينظيرآباد۔ ايس ايس پي نوشھروفيروز ريٽائرڊ ڪيپٽن صدام حسين خاصخيلي کان مطالبو ڪيو آھي ته ايس ايڇ او نوشھروفيروز خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي۔