شڪارپور ۾ آل ڪلارڪ پاڪستان جو اجلاس مقبول احمد مھر جي صدارت ۾ ٿيو

اجلاس ۾ آپڪا ضلعي اڳواڻن توڙي ايجوڪيشن يونٽ شڪارپور جي عهديدارن پاران شرڪت ڪئي وئي

شڪارپور  ۾ آل  ڪلارڪ پاڪستان جو اجلاس مقبول احمد مھر جي صدارت ۾ ٿيو

شڪارپور (احسان ابڙو )آل ڪلارڪ پاڪستان صوبا سنڌ جي صدر مقبول احمد مھر جي صدارت ۾ سندس آفيس ۾ آپڪا ضلع اڳواڻن توڙي ايجوڪيشن يونٽ شڪارپور جي عهديدارن جي اهم گڏجاڻي ٿي گذري گڏجاڻي ۾ اڳواڻن پاران هر ڏکن مرحلن ۾ ساٿ رھڻ جو وچن ڪيو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا اهم گڏجاڻي ۾ آپڪا شڪارپور جي ضلع صدر عبدالوھاب ڪاغذي ضلع جنرل سيڪريٽري مجاهد حسين لانگاه صدر آپڪا ايجوڪيشن يونٽ شڪارپور شفيق احمد شيخ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايجوڪيشن يونٽ شڪارپور رشيد احمد سومروخزانچي آپڪا ايجوڪيشن يونٽ شڪارپور محمد سچل ڀيو پاران شريڪ ٿيا