English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌياڻي تحريڪ پاران راڻيپور ۾ نينگري فاطمھ واري لک ڪانڊاڙيندڙ واقعي جي مذمت
views
|
16th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
معصوم نياڻي فاطمه کي مبينا زيادتي بعد تشدد ڪري قتل واري واقعي انسانيت جو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو آھي: اڳواڻ
حيدرآباد (بيورو) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون زاھد شيخ،نصرت خاصخيلي ناھيد جوڳي، رفيعہ پليجو، امير زادي برھماڻي، بختاور چنڊ آمنہ ڪنڀار راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو کي وحشي جوابدار فياض شاھ زيادتي ڪرڻ بعد تشدد ڪري قتل واري واقعي تي انتھائي افسوس جو اظھار ڪندي چيو تہ راڻيپور وارو واقعو لڱ ڪانڊاريندڙ ۽ انتھائي بي حسي جو نتيجو آھي۔ هن واقعي اڄ انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي، هي واقعو سماج جي پدر شاهي نظام جو عڪس آهي، ڪيس جي گھڻ رخي جاچ ڪري جوابدار کي منطقي انجام تائين پھچائي سخت سزا ڏني وڃي ھنن اڳواڻن چيو تہ قانون جي حڪمراني سان عوام کي انصاف ملي سگھي ٿو۔ اسان وٽ جيڪو طاقتور آھي اھو قانون کي پنھنجي پيرن ھيٺان لتاڙي ٿو۔ ڪمزور عوام تي ظلم ڪري ٿو۔ قانون ۽ آئين ۾ سڀ برابر آھن معصوم ٻارڙن ۽ عورتن کي زيادتي ڪندڙن جوابدار کي بنا ڪنھن رعايت جي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي ھا تہ اڄ نئون ڪوٽ جھڙو واقعو پيش نہ اچي ھا. سنڌ ۾ ڪڏھن تانيہ تہ نائلا رند ڪڏھن ڊاڪٽر نمرتا بيگناھ قتل ڪئي وڃي ٿي، جيڪو ڪجھ ڏينھن تائين ھاءِ پروفائل ڪيس رھي ٿو ۽ حڪمران روايتي طور تي نوٽيس وٺن ٿا ۽ جاچ جي نالي ۾ سڀني جو ڌيان ٻي طرف منتقل ڪري وري ڪا نئين ڪربلا سامھون اچي ٿي. ھنن اڳواڻن چيو تہ حڪمرانن سنڌ کي المناڪ سانحن جي سرزمين بنائي ڇڏيو آھي. ڪو قانون ناھي، تحفظ رڳو حڪمرانن کي آھي، سيڪيورٽي رڳو انھن لاءِ آھي، پوليس ۽ ٻيا ادارا متحرڪ ۽ خبردار رڳو حڪمران طاقتن لاءِ آھن، باقي عام ماڻھو قتل ٿيڻ کانپوءِ بہ انصاف کان محروم آھي. ڪا نہ ڪا سفارش، رشوت ۽ جرڳو خون لوڙھي ڇڏي ٿو ۽ انصاف کي خاڪ بنائي ڇڏي ٿو. سنڌ ۾ عورتن، معصوم ٻارن، اقليتن سان درندگي بند ڪئي وڃي. قانون سڀني لاءِ برابر آھي، انصاف سڀني لاءِ برابر آھي. ڪنھن بہ قتل يا جنسي ڏاڍائي جي واقعي کي غربت ۽ امير ھجڻ جي پسمنظر ۾ نہ ڏٺو وڃي، واقعي ۾ ملوث وحشي سمورن جوابدارن کي منطقي انجام تائين پھچايو وڃي. ھنن اڳواڻن وزير اعلي، چيف جسٽس ھاء ڪورٽ سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي تہ فوري طور ھن وحشتناڪ واقعي جو نوٽيس وٺي معصوم فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindhyani Tahreek
Hyderabad
QAT
0 تبصرے