ڏوڪري ٽائون آفيسر پاران ڪرپشن جا الزام رد

شھر ۾ صفائي سٿرائي جو نظام بھتر ڪيو آھي: عمران سيال

ڏوڪري ٽائون آفيسر پاران ڪرپشن جا الزام رد

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري ٽائون آفيسر عمران سيال جو چوڻ هو ته ڪا به ڪرپشن ناهي ڪئي، الزام بي بنياد لڳايا پيا وڃن، هن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ صفائي سٿرائي جي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ ملازم ٻن شفٽن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، ٽائون جي پنجن وارڊن ۾ صفائي سٿرائي ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته لوڪل گورنمينٽ جي طرفان ڪو به اهڙو ليٽر جاري ناهي ڪيو نه ئي ڪو چيئرمينن کي اختيار ڏنو ويو آهي، ان جي باوجود به ٽائون ڪاميٽي جا ملازم چيئرمين جي هر حڪم کي لبيڪ چئي رهيا آهن. هن چيو ته چيئرمين آفيس جو رڪارڊ به پاڻ وٽ رکي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نه فرضي نالا ڏنا آهن نه ئي ڪوڙا بل ٺاهيا آهن جيڪي الزام لڳائي رهيا آهن اهي سڀ ڪوڙا ۽ بي بيناد آهن. هن چيو ته ڪنهن به ملازم کان روزي کيسڻ جي حق ۾ ناهيان جيڪڏهن ڪورٽ فيصلو ڏيندي ته مان ڪورٽ جي فيصلي کي لبيڪ ڪندس، مڇرمار ڦوهاري ڪرائڻ لاءِ ڊي ايڇ او کي لکت ۾ ليٽر موڪليا آهن ۽ ڪتا مار مهم به جلد شروع ڪئي ويندي، شهر واسين کي ڀرپور رليف ڏئي رهيو آهيان.