English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ترقي پسند تحريڪ زبير رحمان جي ذڪر کانسواء اڌوري ۽ نامڪمل آھي: وليم صادق/گل منگي
views
|
20th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
بابو لادو، اين ڊي مجروح ڪالاڻي، نديم سبطين، عبدالخالق زدران، واحد بلوچ، نعيم شيخ، ڪامريڊ گل ناز،۽ ٻين خطاب ڪيو
ڪراچي (پ ر) ترقي پسند تحريڪ زبير رحمان جي ذڪر کانسواء اڌوري ۽ نامڪمل آھي۔ کاٻي ڌر هر تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ زبير رحمان پاڪستان ۾ انارڪي جو اهم ٿنڀ هو جنهن مرڻ گهڙي تائين پنهنجي اصولن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي۔ زبير رحمان جي موت جي ذميوار غربت ۽ مفلسي آھن۔ اهڙن خيالن جو اظھار سرگرم انارڪسٽ ساٿين وليم صادق، بابو لادو، شھيد هيمون ڪالاڻي ميموريل سوسائٽي جي ڪنوينر اين ڊي مجروح ڪالاڻي، مشھور شاعر نديم سبطين، عبدالخالق زدران، واحد بلوچ، نعيم شيخ، گل محمد منگي، ڪامريڊ گل ناز،۽ ٻين زبير رحمان جي پهرين ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جيڪا ورڪرز سوليڊيرٽي فيڊريشن پاران اڄ ڇنڇر ڏينهن ملهائي وئي جنهن ۾ مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو۔ تقريب ۾ جڙانوالا سانحي، راڻيپور جي فاطمه ڦرڙو کي مرشد پاران ظلم ۽ زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ جي ڏک ۾ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي۔ زبير رحمان کي خراج عقيدت پيش ڪندي ڪامريڊ ساٿين چيو ته مرحوم بنگلاديش جي آزادي واري تحريڪ ۾ بهرو ورتو ۽ اتي ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جو اکين ڏٺو شاهد هو۔ هنن چيو ته زبير رحمان پاڪستان ۾ انارڪي کي ڦھلائڻ ۽ ان جي واڌ ويجھ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ جنهن جي ڏوھ ۾ زبير رحمان سڄي ڄمار ڀوڳيو ۽ مرڻ گهڙي تائين جدوجهد ۾ مصروف رهيو۔ هن ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو آڻ نه مڃي ۽ پنهنجي مقصد خاطر هر شئي قربان ڪري ڇڏي۔ زبير رحمان آرامده زندگي کي سوچي سمجهي ٿڏي ڇڏيو ۽ ڪنڊن جي سيج جي چونڊ ڪئي۔ اڄ زبير رحمان توڙي جو اسان سان گڏ نه آھي پر اسان سمجهون ٿا ته سندس فڪر ۽ سوچ وک وک تي اسانجي رهنمائي ڪري رهيا آھن۔ هنن چيو ته زبير رحمان هڪ مفڪر، صحافي ۽ انارڪزم جو استعارو آھي جنهن جي فڪر جي روشني ايندڙ نسلن کي به رهنمائي فراهم ڪندي رهندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Karachi SIndh
Pakistan
Breaking News
viral leak
0 تبصرے