دادو ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران تحفظ لاءِ احتجاج

ناري مسڪان سولنگي ۽ آفتاب سولنگي احتجاج ڪيو

دادو ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران تحفظ لاءِ احتجاج

دادو (رپورٽر) بيهار ڪالوني ڪوٽڙي واسڻ نوجوان ناري مسڪان سولنگي نوجوان آفتاب سولنگي سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو , جوڙي پاران عدالت کان تحفظ جي گهر ! تفصيل موجب ناري مسڪان ڌي وحيد علي سولنگي دادو جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو ناري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجا مائٽ زبردستي شادي ڪرائڻ چاهين پيا جيڪا ڳالهه مون کي پسند نه هئي جنهن سبب مان مائٽن جو گهر ٽن ڪپڙن ۾ ڇڏيو ۽ نالي آفتاب ولد حسين بخش سولنگي سان عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي مون کي نه ڪنهن ورغلايو آهي ۽ نه ئي ڪنهن اغوا ڪيو آهي مان پنهنجي رضا خوشي سان آفتاب سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي جيڪڏهن منهنجو والد وحيد علي يا عزيز ڪو به ڪيس وغيرهه ڪن ته ان کي ڪوڙو سمجهيو وڃي هن وڌيڪ چيو ته منهنجي پسند جي شادي ڪرڻ کان پوء منهنجو والد وحيد علي منهنجي ۽ منهنجي مڙس آفتاب جي جان جو دشمن ٿي پيو آهي اسان ٻنهي کي منهنجن مامن نظير علي اعجاز علي سرفراز سفير سئوٽن نويد علي مسعود نديم ۽ شمير سولنگي چاچن جان محمد جلال سڌير علي ضمير علي ۽ منهنجي والد جي دوست احسان علي ٻٽ وارن کان جان جو خطرو آهي جوڙي آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد سيشن جج دادو ۽ وس وارن کان تحفظ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.