ٺٽي ۾ الشھباز ايريگشن ٽريڊ يونين فيڊريشن سنڌ جو اھم اجلاس ٿي گذريو

اجلاس جي صدارت صوبائي صدر حاجي محمد عيسيٰ سنگراسي ڪئي

ٺٽي ۾ الشھباز ايريگشن ٽريڊ يونين فيڊريشن سنڌ جو اھم اجلاس ٿي گذريو

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) الشھباز ايريگشن ٽريڊ يونين فيڊريشن سنڌ جو اھم اجلاس صوبائي صدر حاجي محمد عيسيٰ سنگراسي جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسئيشن سنڌ جي جنرل سيڪريٽري محمد اشرف بوزئي، منظور علي ناھيون، سردار مظفر علي شر، محمد اسلم ڀٽي، قربان علي جوڻيجو، غلام رسول ميمڻ، الطاف علي عالماڻي، محمد اشرف ڪولاچي، استاد نواز علي شورو، محمد اسماعيل پٺاڻ، غلام مصطفي سولنگي، غلام مصطفي جتوئي، سيد جعفر علي شاھ، علي محمد جسڪاڻي، ڊوليو خان نظاماڻي، شمس نظاماڻي، اختر علي ناھيون، غلام نبي بھراڻي، عارف علي قريشي، محمد سومار کوسو، عبدالحسين کوسو، واحد بخش ڏيٿو، سيد امين شاھ، داروغو حاڪم علي ڏاھري، عبدالمجيد سپيو، محمد رحيم کوسو، محمد رفيق بوزدار، نثار احمد لغاري، محمد رحيم ملاح، لالا بشير مستقيم، زاھد جسڪاڻي سميت سمورن عھديدارن، ميمبرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ھڪ کان 4 گريڊ تائين ايريگيشن کاتي ۾ ٿيل سياسي ڀرتين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي انھن کي فورن بند ڪري ميرٽ جي بنيادن تي ڀرتيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي صدر حاجي حاجي محمد عيسيٰ سنگراسي چيو تہ اسان ھميشہ ننڍن ملازمن کي پنھنجا جائز حق ڏيارڻ لاء جدوجھد جي ميدان ۾ اھيون پر ھاڻي سياسي بنيادن تي ھڪ کان 4 گريڊ جي ملازمن کي سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪري ميرٽ تي ايندڙ ملازمن جي حقن تي ڌاڙا ھنيا ويا آھن، جيڪو عمل ھرگز برداشت نہ ڪيو ويندو. ھن گھر ڪئي تہ فورن سياسي بنيادن تي ٿيل ڀرتيون رد ڪري ميرٽ جي بنيادن تي ايندِڙ اميدوارن سميت صحيح حقدار اميدوارن کي ڀرتي ڪري انھن ۾ ڦھليل بيچيني دور ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ راء عمل جوڙي جدوجھد جو آغاز ڪيو ويندو.