سنڌ ۾ معذورن جي مڪاني ادارن ۾ سياسي شموليت ساراھ جوڳو عمل آھي: عرفان علي سومرو

مقامي سطح جي حڪومت پاران معذورن جي مخصوص نشستن جو مختص ڪرڻ ساراھ جوڳو عمل آهي: عابد لاشاري

سنڌ ۾ معذورن جي مڪاني ادارن ۾ سياسي شموليت ساراھ جوڳو عمل آھي:  عرفان علي سومرو

نواب شاھھ (ڊ ر) پاڪستان يو ايس المنائي نيٽ ورڪ پاران عابد لاشاري جي سربراهي ۾ معذورن جي سياسي شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ھلندڙ منصوبي جي منعقد اختتامي تقريب دوران عرفان علي سومرو صدر پاڪستان يو ايس المنائي نيٽ ورڪ سکر چيپٽر، انور علي سيال اڳوڻو صدر پاڪستان يو ايس المنائي نيٽ ورڪ سکر چئپٽر، منصوبي جو ڪوآرڊينيٽر عابد لاشاري، غلام مرتضيٰ چنڙ ريجنل ڊائريڪٽر معذورن جو بااختياري کاتو، رفيق احمد بُلر ريجنل زونل مئنيجر نادرا ۽ ٻين سماجي اڳواڻن لال چند لوھاڻو، فاروق علي ڀٽي، عاصمه منير آرائين، طارق حسين چنڙ، منٺار مگسي، ڊاڪٽر غلام نبي چنہ ۽ ٻين مقررين چيو ته مقامي سطح جي حڪومت پاران معذورن جي مخصوص نشستن جو مختص ڪرڻ ساراھ جوڳو عمل آهي. مڪاني کاتن ۾ معذور ڪائونسلر پنهنجا فرائض ادا ڪن پيا. ان موقعي تي معذورن جي سياسي شموليت لاءِ مذڪورہ منصوبي دوران آگاھي مھم کي تمام گھڻو ساراهيو ويو. معذورن جي حقن جو قانون ھڪ جامع قانون آھي جيڪو زندگي جي ھر شعبي ۾ معذورن جي حقن بابت مڪمل ڄاڻ ۽ رھنمائي مھيا ڪري ٿو. جيئن معذوري مطابقت ماحول جي فراھمي، مڪاني کاتي ۾ ڪائونسلر جي فرضن ۽ ذميداري بابت ڄاڻ ڏيڻ، بجيٽ جي حصيداري مطابق معذور ڪائونسلر جا اختيار واضح ڪرڻ شامل آھن. قانون مطابق معذور ڪائونسلر سان مثبت رويا رکڻ، معذور جي رسائي کي يقيني بڻائي سياسي شموليت جو عملي مظاهرو ڪيو وڃي، جيئن معاشري ۾ فيصله سازي جي عمل ۾ عملي طرح معذور شامل ٿي مقامي سطح تي عوام جي خدمت ڪري سگھن. ان موقعي تي اھو پڻ وچن ڪيو ويو ته مڪاني حڪومتن کانپوءِ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ معذورن جون مخصوص نشستن لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون جيئن قومي سطح تي معذور فيصله سازي جو حصو بڻجي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي سگھن.