نوشهروفيروز: ايم پي اي مراد علي شاهه پاران مختلف علائقن جا طوفاني دورا

مختلف برادري جي ماڻهن پاران وڏي انگ ۾ پ پ ۾ شموليت جو اعلان

نوشهروفيروز: ايم پي اي مراد علي شاهه پاران مختلف علائقن جا طوفاني دورا

نوشهروفيروز (ڊ ر) يوسي گيھڙ گجو ۾ ايم پي اي سيد مراد علي شاهه جا آخري ڏيھاڙن ۾ طوفاني دورا ڪيا مختلف ماڻهن پاران جي ڊي اي کي ڇڏي پي پي پي ۾ شامل روھڙي ڪئنال تي شاندار استقبال پئپنگ اسٽيشن جو افتتاح ڪري ڳوٺ الھجڙيو راڄپر ۾عبدالستار راڄپر ۽ حاجي حسن راڄپر پاران چانھ پارٽي ۾ جي ڊي اي کي الوداع ڪري پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڳوٺ حاجي جان محمد ۾ ناراض پي پي پي اڳواڻن کي پرچائي ورتو دوس محمد راڄپر خالد راڄپر خالد حسن جي اوطاق تي تعزيت ڪئي غلام الله قادر قاضي لالا اصغر ڪامل غلام شبير پاران ايم پي اي کي ڏوراپا ڏنا ويا ته ڪيترائي سال گذري وڃڻ کانپوءِ توهان اڄ ڏينهن تائين سار سنڀار ناھي لڌي ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ آھن نه اسڪول اسپتال گيس روڊ ڊرينيج سسٽم سميت ڪابه سھولتون ناھن اسان جا نوجوان پڙهيل لکيل آھن نوڪريون ناھن ڳوٺ حاجي مرزا ۾ عظيم آليشان جلسو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مک تقرير ايم پي اي سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اھا واحد پارٽي آهي جيڪا غريب عوام سان ھر وقت گڏ آھي توهان جي ڳوٺن جا بنا دير مسعلا حل ڪندس پئپنگ اسٽيشن کي سولر سسٽم تي فعال ڪري غير آباد زمينن مان پاڻي ڪڍي ٻيھر آباد ڪيون وينديو ھن وقت ڏيڍ ملين منظور ڪري توهان جي ڳوٺن کي پيور بلاڪ سان گليو ٺھرائي ڏيندس بجلي ٽرانسفارمر پنج منظور ڪرائي توهان کي ڏنا ويندا مختلف ڳوٺن ۾ گئيس جون شڪايتون به مليون ان لاءِ به جلد ڪوششون ورتيون وينديون روڊن جي مرمت جا پئيسا رکيل آھن اھي ڦوري طور تي ڪم ڪرائيندس توهان ماڻهن مون تي وڏو احسان ڪيو آھي عزت بخشي آهي تمام گهڻو پيار مليو آھي منھنجو به فرض ٿئي ٿو توهان جا ڏک سور ختم ڪري عملي ڪم جلد شروع ڪيا ويندا توڙي جو آئون عھدي تي ھجان يا نه پر توهان جا مسئلا حل ڪندس ان موقعي تي ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين پير قربان سھروردي ۽ ٻين آيل مھمانن کي اجرڪن ۽ ٽوپين جا تحفا ڏنا ويا عوام پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي