اطلاعات کاتي سنڌ جي 6 سپرينٽنڊنٽس سميت 8 ملازمن کي انفارميشن آفيسر طور ترقي

ترقي ماڻيندڙن ۾ صبغت الله لوهار، علي بخش پٺاڻ، احمد مجيد، محمد فيصل ۽ ٻيا شامل

اطلاعات کاتي سنڌ جي 6 سپرينٽنڊنٽس سميت 8 ملازمن کي انفارميشن آفيسر طور ترقي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اطلاعات جي 6 سپرينٽنڊنٽس سميت 8 ملازمن کي انفارميشن آفيسر طور ترقي ڏني وئي اهي، جڏهن ته 8 اسسٽنٽس کي سپرينٽنڊنٽ طور ترقي ملي وئي آهي. سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمان ميمڻ ڊي پي سي-ون جي سفارش ۽ اعليٰ اختيارين جي منظوريءَ بعد ترقيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن تحت 17هين گريڊ جي ڇهن سپرينٽنڊنٽس صبغت الله لوهار، علي بخش پٺاڻ، محمد فيصل، احمد مجيد راجپوت، امام بخش راجا ۽ ياسر نواز کي سترهين گريڊ ۾ انفارميشن آفيسر طور ترقي ڏني وئي آهي، جڏهن ته هڪ سينئر اسڪيل اسٽينو گرافر محمد اسلم ڀٽي ۽ هڪ سينئر ٽرانسليٽر مشتاق احمد پاٽولي کي به انفارميشن طور ترقي ملي آهي. اهڙي ريت ساڳئي ئي نوٽيفڪيشن تحت 8 اسسٽنٽس کي سترهين گريڊ ۾ سپرينٽنڊنٽ طور ترقي ڏني وئي آهي، جن ۾ امجد حسين، لجپت، عبيدالرحمان، محمد شفيع، اعجاز حسين، اعجاز احمد کتري ۽ محمود الحسن شامل آهن.