وڳڻ ويجهو آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

نصيرآباد ۽ وارهه جي مختلف ڳوٺن جي آبادگارن پاران سُڪل ٻيجارو کڻي ڌرڻو هنيو ويو

وڳڻ ويجهو آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

وڳڻ(رپورٽر) وڳڻ لڳ ڳوٺ وڪاموريءَ وٽ انڊس ھاء وي تي نصيرآباد ۽ وارھ تعلقي جي ڳوٺن آباد ڪلھوڙا، علي اصحابو، ڪنب بروھي، ڇُٽا سميت ٻين مختلف ڳوٺن جي رھواسين جو ڪوُر شاخ ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف يوسي چيئرمين عامر علي ڪلھوڙو جي اڳواڻيء ۾ نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن سبب ڪراچي حيدرآباد ڄامشورو لاڙڪاڻو قمبر شھدادڪوٽ نصيرآباد وڳڻ سميت مختلف شھرن ڏانھُن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي جڏھن ته مظاھرين پاران زرعي پاڻيء جي ھٿرادو کوٽ ڪرڻ تي آبپاشي عملي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن يوسي چيئرمين عامر علي ڪلھوڙو، جي يو آء جي قاري محمد عثمان مغيري، نويد ڇُٽو ۽ ٻين چيو سنڌو درياء ۾ تمام گھڻو پاڻي آھي جڏھن ته ٻوڏ جو خطرو پڻ ڏيکاريو وڃي پر ھتي ڪرپٽ آبپاشي انجنيئر ايڪسن ۽ عملو اسانجي ڪور شاخ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪري ڇڏي زرعي پاڻي جي کوٽ ايتري ته شدت اختيار ڪري وئي آھي جو اسانجي ساريالي فصل جو مھانگو ورتل ٻج سڪي رھيو آھي ھينئر تائين اسانجو ساريالي فصل جو رونبو به نٿي سگھيو آھي پاڻي جنھنڪري مسڪين ھارين کي لکين رپين جي نقصان جو خدشو آھي ھُنن چيو ته آبپاشي عملي جا آفيسر بااثر زميندارن کي پاڻي وڪرو ڪري ڏئي رھيا آھن پيسي عيوض زرعي پاڻي وڪڻيو پيو وڃي جنھنڪري ھُنن پاران پيسن خاطر پاڻي جي ھٿرادو ڪئي پئي جيڪا تمام وڏي ناانصافي ۽ ڏوھُ ھُنن مطالبو ڪيو آھي ڪرپٽ آبپاشي آفيسرم خلاف قانوني قدم کڻي ڪور شاخ کي پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن غريب مسڪين ھاري پنھنجي سال جي گذر سفر لاء وقت تي ساريالو فصل پوکي سگھن.