موھين جي دڙي مان ڊانس گرل ۽ بوڙيندو مليا، وادي سنڌ ۾ ٻولي جي بنياد تي نفرت ڪرڻ سکيا ئي ناھيون ـ سردار شاهه

ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي پاران ميوزڪ اينڊ آرٽ ٽيچرس ۾ آرڊر ورھائڻ واري تقريب

موھين جي دڙي مان ڊانس گرل ۽ بوڙيندو مليا، وادي سنڌ ۾ ٻولي جي بنياد تي نفرت ڪرڻ سکيا ئي ناھيون ـ سردار شاهه

ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي پاران ميوزڪ اينڊ آرٽ ٽيچرس ۾ آرڊر ورھائڻ واري تقريب, سردار شاھ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي موھين جي دڙي مان ڊانس گرل ۽ بوڙيندو مليا ـ اسين وادي سنڌ ۾ زبان جي بنياد تي نفرت ڪرڻ سکيا ئي ناھيون ـ 47 ع ۾ جنهن کي پاڪستان جو نالو ڏنو ويو اھو وادي سنڌ آھي سموري دنيا جي لوڪ ڪٿائن ۽ ڏند ڪٿائن ۾ ڪو به اھڙو مثال نٿو ملي جنهن سر تي سر ڏنو ھجي اھو صرف راء ڏياچ ڏنو ـ اسان ته رڳو مڃتا طور آفر ليٽر پيا ڏيون ـ مونکي انھي قرارداد تي تڪليف ٿي جنهن ۾ جيو ويو ته ھي فحاشي ٿا پکيڙيو ـ منهنجي لاء چيو ويو ته رستا روڪ ڪنداسين۔ ۔ مون اسمبلي ۾ انھن کي چيو ته اسين انھي اسلام کي نٿا مڃون جيڪو زبردستي مڙھڻ ٿا چاھيو اسين انھي اسلام کي ٿا مڃون جيڪو بلاول حبشي جي ترنم کان شروع ٿي ٿو ۽ ماء چي لوري تي ختم ٿئي ٿو ـ الله جي ثنا سر ۾ نه ڪندو ته ڪنهن کي وڻندو؟