ڄامشورو مان مبينا اغوا بعد گهر پهتو نوجوان واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو

چاچو قمبر علي، زاهد، اقبال، زين ۽ دلشير کوسو اغوا ڪري ويا هئا، پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري: نينگر

ڄامشورو مان مبينا اغوا بعد گهر پهتو نوجوان واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو

ڄامشورو(رپورٽر) ڪجھ ڏينھن اڳ ڳوٺ علي آباد ڄامشورو مان ھڪ نيگر نالي ثقلين عباس پٽ ذوالفقار کوسو عمر يارھن سال اغوا ٿي ويو ھيو ۔جو 31 تاريغ تي مائيٽن جي ڳولا تي حيدرآباد ھٽڙي ٿاڻي جي حد مان مليو۔ ڇوڪري جي بيان موجب کيس سندس چاچي قمبر علي , زاھد ۔ اقبال عرف بالي ۔ زين علي ۔دلشير کوسو کيس مارڻ جي ارادي سان کڻي ويا ھئا ۔ ٻہ ڏينھن کان پوء ھٽڙي ٿاڻي جي اڳيا مونکي ڇڏي ھليا ويا .اھڙي ڳالھ کان پو۽ واقعي واري ھنڌ SHO کاڻوٺ پھچي وارثن کي خاطري ڪرائي تہ اوھان سان انصاف ڪيو ويندو ۔SHO جي زبان مطابق ڪو بہ ڪيس داخل نہ ڪيو ويو آھي پوليس جوابدارن سان ڌر بڻيل آھي ۔