ڪوٽڙي واسڻ ناري جو مڙس سميت دادو ۾ تحفظ جي لاءِ احتجاج

ٽنڊو غلام حيدر واسي سيد عرفان شاهه سان سکر جي عدالت ۾ پرڻو ڪيو آهي: مهڪ جسڪاڻي

ڪوٽڙي واسڻ ناري جو مڙس سميت دادو ۾ تحفظ جي لاءِ احتجاج

دادو(عبدلعزيز ٻٻر) ضلع ڄامشورو جي تعلقي ڪوٽڙي جي علائقي بھار ڪالوني جي رھواسڻ نوجوان ناري مھڪ جسڪاڻي دادو پھچي وئي دادو ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ناري مھڪ جسڪاڻي پنھنجي بيان ۾ چيو آھي ته مون پنھنجي مرضي سان ٽنڊو محمد خان ضلعي جي تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي ڳوٺ ڦتح آباد جي نوجوان سيد عرفان علي شاه سان سکر جي عدالت ۾ پنھنجي مرض سان تاريخ 10جولاء 2023 تي پيار جو پرڻو ڪيوآھي ان کان پوء منھنجا والدين ۽ رشتيدار منھنجي مڙس سيد عرفان علي شاه ۽ منھنجا ويري بڻجي ويا آھن انھن ۾ والد محمد بچل جسڪاڻي مامو رحيم جسڪاڻي .ذيشان جسڪاڻي عبدالمطلب جسڪاڻي ۽ ٻيا مائٽ اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آھن انھن پاران منھنجي مڙس سيد عرفان علي شاھ منھنجي ڏير سيد شوڪت علي شاھ جي مٿان ڪوٽڙي تعلقي جي پوليس اسٽين سائيٽ ڪوٽڙي تي منھنجي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو آھي مھڪ جسڪاڻي وڌيڪ ٻڌايو ته مون کي ڪنھن به اغوا نه ڪيو آھي مان پنھنجي مرضي مطابق سيد عرفان علي شاھ سان سکر شھر جي سيشن ڪورٽ ۾ شادي ڪئي آھي مون کي مٿي ذڪر ڪيل ماڻھن مان جان جو خطرو آھي مان ھينئر پنھنجي مڙس سان خوش آھيان مان آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدر آباد ايس ايس پي ڄامشورو سميت ٻين اختيارين کان مطالبو ٿي ڪريان ته اسان کي تحفظ مھيا ڪيو وڃي ۽ منھنجي مڙس سميت ان جي عزيزن کي ڪوبه جاني ۽ مالي نقصان پھتو ته مٿي ذڪر ڪيل ماڻھو ان نقصان جا ذميوار رھندا اسان جو بيان رڪارڊ تي آندو وڃي ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي.