دادو ۾ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن پاران ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي

ڀارت ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکنداسين: اڳواڻ

دادو ۾ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن پاران ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي

دادو(عبدلعزيز ٻٻر) آپڪا آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن ضلع دادو پاران ضلع چيئرمين لاهوتي منير احمد سيال پاران ڪشميرين مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ جبر خلاف 5 آگسٽ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي حمايت ڪندي ۽ اظھار يڪجهتي ڪندي علامه آئي آئي لائبريري پارڪ کان ڊي سي آفيس چونڪ تائين ريلي ڪڊي وئي ريلي کي خطاب ڪندي آپڪا ضلع چيئرمين لاهوتي منير احمد سيال چيو ته چيو تہ ڪشمير پاڪستان جي شہ رڳ آھي، ڀارت ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي .اسين ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکنداسين، ھن وڌيڪ چيو تہ ڀارتي فوج جي هٿان ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومون ڪردار ادا ڪن ۽ حڪومت پاڪستان ۽ پاڪ آرمي کي اپيل ٿا ڪيون تہ ڀارت جي ايل او سي خلاف ڀڃڪڙين ۽ سازشن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃ ۽ تہ پوري دنيا ۾ مسلمانن خلاف محاذ کليل آھن اقوام متحده خاموش ڇو آھي ، ان جو بنيادي سبب اھو آھي تہ مسلمانن ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ناھن جيستائين اسين متحدہ نہ ٿينداسين تيستائين ڪشمير جي آزادي، فلسطين جي آزادي، بوسينا جي مسلمانن جا مسئلا حل نہ ٿيند اسلامي ملڪ گڏيل طور اقوام متحده ۽ ڀارت تي زور وجھن ۽ ڪشميرين کي پنهنجي حق خود اراديت جو حق استعمال ڪرڻ ڏين ۽ ڪشميرين جي قتل عام جي شديد ۾ لفظن مذمت ڪئي وئي، آخر ۾ گڏيل طور اقوام متحده کان مطالبو ڪيو ويو تہ ڪشميرين مٿان تشدد ظلم ۽ جبر بند ڪيو وڃي پاڪستان زنده آباد ان موقعي تي ريلي ۾ مرڪزي اڳواڻ آپڪا آل پاڪستان احمد علي ڏاهري، سماجي اڳواڻ محبوب علي سومرو ، قربان کوسو، اسدالله ڏاهري، مسرور هاليپوٽو، عابدعلي چارڻ ، شفيق احمد پنهور ،ميرل ڪابورو، حيدر پنهور، شاهد علي گوپانگ ۽ ٻين شرڪت ڪئي