English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حڪمرانن سنڌ وڪڻي ڇڏي، هاڻي ڪارونجهر کپائڻ چاهين ٿا: ڊاڪٽر قادر مگسي
views
|
07th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
ڪارونجهر کي ڪوري ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۾ هنن پيپلن جو هٿ آهي، هي چاهين ٿا ته وسيلا تين وال ڪري ڇڏجن
ننگرپارڪر (رپورٽر) ننگرپارڪر ۾ ايس ٽي پي جو ڪارونجهر بچايو جلسو، ڊاڪٽر قادر مگسي جي شرڪت، گلن جي ورکا، ڪارونجهر جي نيلامي خلاف نعرا. ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ڪارونجهر کي ڪوري ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۾ هنن پيپلن جو هٿ آهي، هي چاهين ٿا ته وسيلا تين وال ڪري ڇڏجن، دنيا ۾ جيڪي به جنگين دوران ڪي عمارتون بچيل آهن ته اتي جا حڪمران اُنهن کي بچائي نمائيش طور رکيو ويٺا آهن ۽ ماڻهن کي تاريخ ٻڌائيندا آهن پر هتان جا حڪمران اُنهن شين کي محفوظ بڻائڻ بدران ويتر وڪڻي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا آهن. هن چيو ته ڪينجهر ۽ ڪارونجهر تي قبضي جي ڪوشش ڪري سنڌ جي وسيلن کي کائي کپائي رهيو آهي، اسان سنڌ جا وسيلا بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون، عوام ساٿ ڏي ته هنن ڪرپٽ حڪمرانن جون نااهليون ظاهر ڪجن، ايندڙ اليڪشن ۾ عوام هنن کان ڪارونجهر کپائڻ جو پڇاڻو ڪري، چورن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪرڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ٿرڪول منصوبن مان بجلي پيداور باوجود هتان جي ماڻهن کي ٽڪي جو به رليف ناهي ملي سگهيو، ٿرواسي روزگار لاءِ دربدر آهن ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر ڪروڙين سنڌين جو آهي، نيلامي جا خواب ڏسندڙ پنهنجي حدن ۾ رهن، اکيون ڪڍي ڇڏينداسين، سنڌ وڪڻي ڇڏي آهي هاڻي هو ڪارونجهر وڪڻڻ چاهين ٿا، اسان ٻُڌائڻ ٿا چاهيون ته ڪارونجهر اسان جي سڃاڻپ ۽ ثقافت آهي، جنهن ڏانهن ميري اک کڻي ڏسندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏبيون، کيرٿر ۽ ڪاڇو ڪوهستان بحريا ٽائون حوالي ڪيا ويا آهن. جلسي کي ايس ٽي پي جي اڳواڻ شاهنواز سيال، گهنشام مالهي، ڏيوجي ڀيل ۽ ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ چاچا الهرکيو کوسو به خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
qadir magsi
PTI
Sindh
Karonjhar
Nangarparkar
0 تبصرے