ٺٽي ويجهو عدالتي حڪم تي بيدخل ٿيل ڳوٺاڻن کي قبضي هيٺ آيل ڳوٺ ۾ ويهاريو ويو

ڪجهه عرصو اڳ پوليس روينيو ٽيم ۽ پوليس جي چڙهائي دوران تپيدار سيد عملدار شاھ مبينا قتل ٿيو هو

ٺٽي ويجهو عدالتي حڪم تي بيدخل ٿيل ڳوٺاڻن کي قبضي هيٺ آيل ڳوٺ ۾ ويهاريو ويو

ٺٽو( شفيق ڀٽي) سنڌ ھائي ڪورٽ جي حڪم تي ڳوٺ موسا نوتيار جي بي دخل ڳوٺاڻن کي واپس ڳوٺ ۾ قبضو ڏيئي گھرن ۾ ويھاريو ويو،خبر موجب تقريبن چار مھينا اڳ 17 رمضان جي ڀلاري ڏينھن تي ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو گدا حسين ابڙو جي عدالت پاران جاري ڪيل ھڪ غلط ڪورٽ آرڊر جي آڙ ۾ بااثر لينڊگريبر طاقتور سياسي وڏيرن جي مدد سان 103 موري لڳ ڳوٺ موسا نوتيار تي وڏن پوليس اٽالن جي مدد سان چڙھائي ڪرائي ھئي جنھن ۾ پوليس طاقت جواستعمال ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ شريف تپيدار سيد عملدار شاھ فوت ٿي ويو ۽ ھڪ نوتيار نينگري گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي ۽ ھڪ اڌ پوليس وارو پڻ زخمي ٿيا ھئا جنھن بعد 92 ڳوٺاڻن عورتن مردن تي ڪيس داخل ڪري ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري ڪيو ويو ھو ۽ سمورن ڳوٺاڻن کي ڳوٺ مان بي دخل ڪري گھرن تي پوليس پھرو ويھاريو ويو ھو جو ان کان پو ڳوٺاڻن پاران سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل اشرف سمون ان فيصلي کي سنڌ ھائي ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو ھو جنھن تي سنڌ ھائي ڪورٽ جي معزز جج صلاح الدين پنھنور اشرف سمون جا دليل ٻڌڻ کان پو ان فيصلي کي ڪالعدم ڪري سيشن جج ٺٽو کي ڳوٺاڻن کي ٽن ڏينھن اندر واپس ڳوٺ ۾ ويھاري کين قبضو حوالي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو جو ان جي تعميل ڪندي اڄ ڊي ايس پي ٺٽو عباس گاڏاھي ۽ مختيار ڪار ٺٽو اقتدار رسول بھراڻي پوليس نفري سان گڏ ڳوٺاڻن کي واپس پنھنجن گھرن ۾ ويھاري قبضو سندن حوالي ڪيو،ان موقعي تي ڳوٺ موسا نوتيار جي ڳوٺاڻن گھرن ۾ ويھڻ کان پو سينيئر وڪيل اشرف سمون،ڊاڪٽر عبدالغني نوتيار ۽ عوامي پريس ڪلب جي صحافين سميت سندن مدد ڪندڙ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين جو شڪريو ادا ڪندي کين دعائون ڏنيون جڏھن ته ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب جو صدر بلاول سمون،صحافي اي بي شورو ۽ نوتيار برادري جو چڱو مڙس ڊاڪٽر عبدالغني نوتيار پڻ موجود ھئا جڏھن ته سنڌ ھائي ڪورٽ جي معزز جج صلاح الدين پنھنور غلط فيصلو ٻڌائيندڙ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو گداحسين ابڙو کي شوڪاز جاري ڪندي کائنس جواب طلب ڪيو آھي ته ڇو نه ڊسيپلنري ڪميٽي ۾ مٿس ڪاروائي لا لکيو وڃي جڏھن ته ايڊيشنل سيشن جج گداحسين ابڙو کي ٺٽي مان اڳ ئي بدلي ڪيو ويو آھي ۽ 21 آگسٽ تي کائنس جواب طلب ڪيو ويو آھي