سنڌ حڪومت صحافين جي مسئلن کي ترجيحي بنياد تي حل ڪيا آهن: نديم الرحمٰن ميمڻ

اطلاعات کاتي سنڌ جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ جي ڪراچي پريس ڪلب آمد

سنڌ حڪومت صحافين جي مسئلن کي ترجيحي بنياد تي حل ڪيا آهن: نديم الرحمٰن ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ اڄ ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي ۽ سيڪريٽري شعيب احمد سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي پڻ ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي منعقد ڪيل اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت صحافين جي مسئلن کي ترجيحي بنياد تي حل ڪيا آهن ۽ سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته پريس ڪلب جي ميمبرن کي ڏنل پلاٽن تي ٻڌل صحافي ڪالونن جي مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪيو وڃي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت پاران سمورن لاڳاپيل ادارن جي نمائندن ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي صدر ۽ سيڪريٽري تي ٻڌل ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي. اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ چيو ته هن ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت سان اڄ ان جي پريس ڪلب آمد جو مقصد به اهوئي آهي ته ڄاڻايل ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ پريس ڪلب جي صدر ۽ سيڪريٽري جي گڏيل مشاورت سان ڪميٽي جو پهريون اجلاس گهرائڻ لاءِ ضروري مشاورت ڪئي وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميٽي جو اجلاس اڳلي هفتي منعقد ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي بقايا ميمبرن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ لاءِ قدمن سان گڏ صحافي ڪالوني اسڪيم 42 سان حددخلين کي هٽائڻ ۽ ان جي مختلف بلاڪس ۾ ترقياتي ڪم جي جلد شروعات سان گڏو گڏ صحافي ڪالوني نيو ملير هائوسنگ سوسائٽي ۽ صحافي ڪالوني تيسر ٽائون جي مسئلن جي حل لاءِ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر ڪراچي پريس ڪلب سعيد سربازي ۽ سيڪريٽري شعيب احمد سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمٰن ميمڻ پاران صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ کنيل قدمن کي سرهايو ۽ چيو ته سنڌ حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ مثالي قدم ڪيا آهن.