English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بدين ضلعي ۾ پ پ پاران 5 سئو خاندانن کي مالڪاڻن حقن جون سندون ورهايون ويون
221 views
|
03rd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ حاجي رسول بخش چانڊيو، سينيٽر ڊاڪٽر خالده سڪندر منڌرو، تنزيلا ام حبيبه قمبراڻي ۽ ٻيا شريڪ
بدين: ضلعي بدين جي ٻوڏ متاثر 5 سئو خاندانن کي مالڪاڻا حقوق جون سندون ڏيڻ واري تقريب بدين جيم خانا ۾ منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ صوبائي صلاحڪار براءِ بحالي ۽ رليف حاجي رسول بخش چانڊيو، سينيٽر ڊاڪٽر خالده سڪندر منڌرو، وزير اعلي سنڌ جي اسپيشل اسسٽنٽ براءِ انفارميشن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ايم پي اي تنزيلا ام حبيبه قمبراڻي، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر، ضلعي چيئرمين علي اصغر هاليپوٽو، وائس چيئرمين فدا حسين منڌرو، ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح، ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر، ايم پي اي محمد عرف ڏاڏا ھاليپوٽو، وزير اعلي سنڌ جو اسپيشل اسسٽنٽ پير نور ﷲ قريشي، پاڪستان پيپلزپارٽي جو ضلعي صدر حاجي محمد رمضان چانڊيو، پاڪستان پيپلزپارٽي جو ضلعي جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي، پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي جنرل سيڪريٽري ساجدہ ٽالپر، چيئرمين ميونسپل بدين پير محمد صالح قريشي، ارباب امير امان الله، سيڊا چيئرمين قبول محمد کٽياڻ ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن روٽي، ڪپڙا ۽ گهر تي قائم آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل سيلاب ۾ واعدو ڪيو هو ته هو سيلاب متاثرين کي نوان گهر ٺهرائي ڏيندو اڄ سڄي سنڌ ۾ 21 لک خاندانن کي نوان گهر ٺهرائي ڏنا پيا وڃن انهي سلسلي ۾ ضلعي بدين ۾ پڻ 1 لک 10 ھزار 7 سئو 86 گهر تعمير ٿي رهيا آهن. پاڪستان پيپلزپارٽي ٻين پارٽين جيان صرف نعرہ نٿي هڻي پر هو عملي ڪم ڪري ٿي ۽ غريبن جي خدمت ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿي. تقريب کي بريفنگ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان ٻڌايو ته حڪومت سنڌ پاران ايس پي ايڇ ايف اسڪيم تحت ضلعي بدين جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 1 لک 10 ھزار 7 سو 86 گهر تعمير ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ تعلقي بدين لاءِ 23 هزار 1 سئو 14، تعلقي ماتلي ۾ 22 هزار 87، تعلقو شھيد فاضل راهو ۾ 22 هزار 1 سئو 40، تعلقي تلهار ۾ 8 هزار 9 سئو 20 ۽ تعلقو ٽنڊوباگو ۾ 34 هزار 5 سئو 25 گهر تعمير ڪيا ويندا گهرن جي تعمير لاءِ پيسا 4 قسطن ۾ ڏنا ويندا جڏهن ته پهرين فيز ۾ 5 سئو خاندانن کي گهرن جا مالڪاڻا حقوق جا سند ڏنا ويا آهن تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نجيب الرحمان جمالي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو وقار احمد ڪلوڙ، ضلعي جا سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Badin
PPP
MPA
MNA
0 تبصرے