سجاول ۾ سالياني فاروق وحسين رضه ڪانفرنس ٿي گذري

ڪانفرنس قاري مختيار مستوئي جي صدارت ۾ فاروق اعظم چوڪ تي ٿي

سجاول ۾ سالياني فاروق وحسين رضه ڪانفرنس ٿي گذري

سجاول (گلشيرميربحر) سالانه فاروق وحسين رضه ڪانفرنس قاري مختيار مستوئي جي صدارت ۾ سجاول جي فاروق اعظم رضه چوڪ تي منعقد ڪئي ويئي جنھن ۾ شھرين کان علاوه ضلعي سجاول جي سڀني شھرن ۽ ڳوٺن کان ھزارن جي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي ، ڪانفرنس ۾ سني رابطہ ڪونسل صوبہ سنڌ جي صوبائي اڳواڻن حضرت مولانا تاج محمد حنفي ، حضرت مولانا عبدالله سنڌي ، حضرت مولانا سعيد الرحمن ،حضرت مولانا قاري مختيار مستوئي ۽ سنڌ جي معروف ۽ ھر دل عزيز نعت خوان محترم وقار عمر ڏنگراج شرڪت ڪئي ,علمائن حضرت سيد عمر فاروق رضه ۽ حضرت سيدنا امام حسين رضه جي عظيم شھادت قرباني ۽ سيرت طيبه تي روشني وڌي ۽ چيو ته صحابه ڪرام ۽ اھلبيت رضه جي عظيم ڪردار ۽ شھادت اسان مسلمانن کي اھو درس ڏئي ٿي ته اسان صحابه ڪرام ۽ اھلبيت رضه جي ڪاز ۽ مشن کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھچايون ۽ سندن بيمثال زندگي کي پنھنجو آئينو بڻائي انھن جي نقشي قدم تي ھلون ، ھنن وڌيڪ انھن چيو ته محرم الحرام جي مھيني ۾ مجلسن ۾ اھلبيت رضه سان محبت جي ڪوڙي دعوي ڪندڙن طرفان اسلام جي مقدس شخصيات صحابه ڪرام رضه جي گستاخي ڪئي وڃي ٿي جيڪي ناقابل برداشت آھي اھلسنت عوام طرفان ھميشه قانوني رستو اختيار ڪري حڪومت کان اھڙن بد بخت امن دشمن گستاخن تي ايف،آئي،آر درج ڪرائڻ جا مطالبا ڪيا ويندا آھن پر حڪومت انھن تي اڄ ڏينھن تائين ڪو به ايڪشن نه ورتو آھي جنھن جي نتيجي ھر سال مجلسن ۾ گذري ويل سال کان وڌيڪ صحابه ڪرام رضه جي گستاخي ڪئي ويندي آھي جيڪڏھن انھن گستاخين کي نه روڪيو ويو ۽ اھلسنت عوام روڊن تي نڪري آئي ته حڪومت کان حالتون ڪنٽرول کان ٻاھر نڪري وينديون تنھن ڪري حڪومت کي گھرجي تہ اھلسنت عوام جي چيخ و پڪار تي سنجيدگي جو اظھار ڪري ۽ صحابه رضه جي گساخي ڪندڙن کي لغام ڏي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي نالي واري نعت خوان وقار عمر ڏانگراج پنھنجي سريلي ۽ منفرد انداز سان شان رسالت صہ، شان صحابه رضه ۽ شان اھلبيت رضه جي جي نغمن سان پوري مجمعي کي جھومائي ڇڏيو . ياد رھي ته فاروق و حسين رضه ڪانفرنس ويھه سالن کان ھر سال سجاول جي فاروق اعظم رضه چوڪ تي منعقد ڪئي ويندي آھي ۽ ھر سال ماڻھن جو تعداد وڌندو ٿو وڃي ۽ ڪانفرس ھر سال تاريخ ساز ۽ بي مثال ثابت ٿيندي ٿي وڃي .سجاول ۾ فاروق و حسين رضه ڪانفرنس ئي آھي جنھن جو ماڻھن کي بي صبري سان ھر سال انتظار رھندو آھي.