English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي ٿربچايو ڪارونجھر بچايو ڪانفرنس اڄ مٺي ۾ ٿيندي
304 views
|
02nd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
حڪومت تيل ۽ بجلي جون قيمتون وڌائي عوام مٿان مھانگائي جو بم ڪيرايو آھي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) ڪارونجھر جي نيلامي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي ٿربچايو ڪارونجھر بچايو ڪانفرنس اڄ مٺي ۾ ناميارو قانوندان ۽ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو جي صدارت ۾ ٿيندي، ڪانفرنس ۾ اديب، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ وڪيل خطاب ڪندا. ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ حڪومت تيل ۽ بجلي جون قيمتون وڌائي عوام مٿان مھانگائي جو بم ڪيرايو آھي. عالمي منڊي ۾ تيل سستو آھي ۽ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مھانگو ڪري وڪرو ڪيو پيو وڃي. آئي ايم ايف جي شرطن تي عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون ويون آھن. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بيروزگاري ۽ غربت آھي، جنھنڪري ماڻھون پنھنجن معصوم ٻارن کي قتل ڪري پاڻ خودڪشيون ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت تي حملي آور آھي،آصف زرداري اقتدار ۽ پئسن خاطر سمنڊ، بندرگاھ، ٻيٽ، ساحلي پٽي، ڪوھستان، ڪوئلو، ڪارونجھر سميت سنڌ جا قومي وسيلا وڪڻي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ تمام گھڻي ڪرپشن آھي، ٻوڏ متاثرن جي امداد جي نالي ۾ اربين روپيا ھڙپ ڪيا ويا. بلديات، صحت، تعليم سميت ھر کاتو ڪرپشن ۾ ھڪٻئي کان اڳيان آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ايندڙ اليڪشن ۾ ڪرپٽ مافيا جو مقابلو ڪيو ويندو. سنڌ جا ماڻھو ترقي، تبديلي ۽ خوشحالي لاءِ ڪرپٽ حڪمرانن کي اليڪشن ۾ رد ڪري ڇڏين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Sindh
Karonjhar
QAT
ayaz
Latif
Palijo
0 تبصرے