English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو وفد مقتول نصر الله خاصخيلي جي گهر پهتو
views
|
27th Jul 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف ڏيارڻ ۾ مقتول جي وارثن سان گڏ آھي: زينت سمون
حيدرآباد(بيورو) حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي ھميرا اختر جي اڳواڻي ۾ وفد ڀٽائي ننگر ٿاڻي جي حد ۾ 2 مھينا اڳ گوليون ھڻي قتل ڪيل لوڪل گورنمينٽ جي ملازم نصرالله خاصخيلي جي تڏي تي ڳوٺ ڪرن خان شورو پھچي بيواھ ۽ سندس نياڻين سان تعزيت ڪئي ۽ کين اياز لطيف پليجي پاران انصاف ڏيارڻ لاءِ سھڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي مقتول جي بيواھ چيو تہ منھنجي مڙس کي بيگناھ گوليون ھڻي شھيد ڪيو ويو. پوليس اسان ان انصاف نٿي ڪري. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون چيو تہ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ نوجوان نصرالله خاصخيلي جي قتل جي مذمت ڪري ٿي. اسين آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪريون ٿا تہ نصرالله خاصخيلي جا قاتل فوري طور گرفتار ڪيا وڃن. زينت سمون چيو تہ سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف ڏيارڻ ۾ مقتول جي وارثن سان گڏ آھي. جيڪڏھن جلد قاتل گرفتار نه ڪيا ويا تہ وارثن سان گڏجي احتجاجي لائحه عمل جوڙيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindhyani tahreek
QAT
qoumi awami tahreek
Ayaz
Latif
Palijo
0 تبصرے