ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ۾ حادثو، 4 گهرڀاتي فوت

فوتين ۾ منظوران سيلرو، سندس ڀاءُ محمد چاڪر، پٽ محمد يوسف ۽ ان جو ٽن ڏينهن جو پٽ شامل

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ۾ حادثو، 4 گهرڀاتي فوت

نئون ديرو:ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد وسند شاخ وٽان انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ، عورت سميت 4 گهرڀاتي فوت ٿي ويا، فوتين جي سڃاڻپ رتوديرو لڳ سيلرا ڳوٺ واسڻ منظوران سيلرو، سندس ڀاءُ محمد چاڪر، پٽ محمد يوسف ۽ ان جو ٽن ڏينهن جو پٽ شامل آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ڳوٺ کان لاڙڪاڻي دوا وٺڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ موٽر سائيڪل کي ٽرڪ ٽڪر هنيو جنهن ۾ منظوران سيلرو ۽ ابهم ٻارڙو ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته محمد چاڪر ۽ محمد ويسف اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ٽرڪ ٽرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي چيئرمين اعجاز لغاري نئون ديرو اسپتال پهچي فوتين جي وارثن سان ملاقات ڪري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ هر قسم جي سهڪار جي خاطري ڪرائي