ڏوڪري ۾ ڳوٺ عثمان ڪلھوڙو واسي عورت جو معصوم پٽ سميت احتجاج

نظام الدين ڪلهوڙو، ابرار ڪلهوڙو ۽ ٻيا گهر تي قبضو ڪري رهيا آهن؛ مسمات آمنت

ڏوڪري ۾ ڳوٺ عثمان ڪلھوڙو واسي عورت جو معصوم پٽ سميت احتجاج

ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ عثمان ڪلھوڙو جي رهواسڻ عورت مسمات آمنت پنهنجي معصوم پٽ سان گڏجي سندن ڳوٺ جي بااثر ماڻهن خلاف احتجاج ڪيو آهي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن متاثر عورت جو چوڻ هو ته اسان جي ڳوٺ عثمان ڪلھوڙو جا بااثر ماڻهون جن ۾ نظام الدين ڪلهوڙو، ابرار ڪلهوڙو، عزيز ڪلهوڙو، رشيد ڪلهوڙو، سڌير ڪلهوڙو ۽ ٻيا منهنجي گهر جي جڳھ تي قبضي ڪرڻ چاهن ٿا، جيڪي مونکي منهنجو معصوم پٽ اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن، مان اھڙو اطلاع حد جي سيھڙ ٿاڻي تي به ڏنو آهي، پر مان هڪ غريب ۽ مجبور، لاچار عورت آهيان جنهن جي ڪري پوليس منهنجو ڪو به تعدارڪ نٿي ڪري، مان ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت ڏي ايس پي ڏوڪري کان به مطالبو ٿي ڪريان ته منهنجي هن معاملي جو نوٽيس وٺي مونسان انصاف ڪيو وڃي.