تيغو خان تيغاڻي سميت 26 ڄڻن خلاف ايس ايڇ او سميت 3 ڄڻن جي اغوا جو ڪيس داخل

تيغو خان تيغاڻي فرار ٿي ويو آهي، سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن: عرفان سمون

تيغو خان تيغاڻي سميت 26 ڄڻن خلاف ايس ايڇ او سميت 3 ڄڻن جي اغوا جو ڪيس داخل

ڪرمپور ٿاڻي تي تيغو خان تيغاڻي سميت 26 ڄڻن خلاف ايس ايڇ او سميت 3 ڄڻن جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪرمپور ٿاڻي تي ايس ايڇ او گل محمد مهر، اهلڪار نبي داد منگي ۽ ڳوٺاڻي سرور چاچڙ جي اغوا جو ڪيس داخل، ڪيس ۾ تيغو خان تيغاڻي، عبدالنبي تيغاڻي، عمران تيغاڻي سميت 26 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو، ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته تيغو خان تيغاڻي جي ڪنڌڪوٽ ۽ ڳڙهي تيغو وارن بنگلن تي پوليس موجود آهي، تيغو خان تيغاڻي فرار ٿي ويو آهي، سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن