عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع عمرڪوٽ جي سينيئر نائب صدر برهان الدين ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي جي وفد گڊڙو ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، جتي مختلف اوطاقن تي چانهه پارٽين ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ تاريخي ۽ مذهبي ماڳن جو پڻ دورو ڪيو ويو، وفد ۾ پيپلز پارٽي جو انفارميشن سيڪريٽري گهنشام داس راٺوڙ، خالد خاصخيلي، ڪانجي مل، موتي، ٽيڪم، شڪيل، صديق ،جگمال ۽ ٻيا دوست شامل هئا، دوري دوران وفد گڊڙي پهچي محمد سليم راهمون جي ايڌياڻي واري اوطاق تي مانجهاندو ڪيو، جتي محمد سليم راهمون جي فرزند غلام قادر، ڀاءُ رباب علي، ڀائيٽي قربان علي راهمون، احمد علي راهمون، منظور علي راهمون ۽ ٻين پاران مهمانن جي محبت، پيار ۽ پاٻوهه سان آجيان ڪندي ڀرپور خدمت ڪئي وئي، ميزبانن پاران وفد ۾ شامل دوستن کي سنڌ جي ثقافت طور لونگين، سالين ۽ اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي وفد گڊڙي جي ناٿڻ ترائي، مسجد شريف، مندر ۽ درگاهه شريف سميت مختلف تاريخي ۽ مذهبي ماڳن جو دورو ڪيو، وفد کي گڊڙي جي تاريخي پسمنظر بابت پڻ ڄاڻ ڏني وئي ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته گڊڙو رامسنگهه ورهاڱي کان اڳ هڪ وڏو شهر ۽ اهم واپاري مرڪز رهيو آهي، جڏهن ته ويجهو ٽانڪي ريلوي اسٽيشن به موجود آهي، جيڪو هاڻوڪي ڀر واري ملڪ جي حدن ۾ اچي ٿو، گڊڙي ۾ اڄ به ان پراڻي شهر ۽ واپاري مرڪز جا تاريخي آثار موجود آهن، جيڪي علائقي جي شاندار ماضي جي ياد ڏيارين ٿا، بعد ۾ وفد ڳوٺ پيراڻي جي ڀرسان سائين جان محمد نهڙي جي اوطاق تي پهچي چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي، جتي سائين جان محمد نهڙي جي ڀائرن ۽ پٽن پاران وفد جي آجيان ڪندي عزت ۽ احترام جو اظهار ڪيو ويو، ميزبانن پاران سڀني دوستن کي اجرڪن ۽ لونگين جا تحفا پڻ ڏنا ويا، ان کان پوءِ وفد ڳوٺ ڪالاريو ۾ حاجي الجهڙيو راهمون جي اوطاق تي پهتو، جتي وڏيري فريد راهمون پاران ڏنل چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي وئي، ان موقعي تي پڻ مهمانن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، دوري دوران پ پ پ اڳواڻن چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ عوام سان ميل جول، سندن مسئلن کان آگاهي ۽ مقامي ماڻهن سان رابطن کي وڌيڪَ مضبوط ڪرڻ پارٽي جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي، وفد پاران مختلف اوطاقن تي مليل محبت، عزت ۽ سنڌي ثقافت سان ڀرپور مهمان نوازي تي ميزبانن جو ٿورو پڻ ادا ڪيو ويو.
0 تبصرے