گڏجاڻي ۾ عبدالخالق سولنگي، جان محمد سولنگي، اياز سولنگي، محمد اشرف سولنگي ۽ ٻين جي شرڪت
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سولنگي ويلفيئر آرگنائيزيشن پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻن عبدالخالق سولنگي، جان محمد سولنگي، اياز سولنگي، يوسف سولنگي، رجب علي سولنگي، ارشاد سولنگي، محمد اشرف سولنگي جي گڏجاڻي ٿي، جنھن ۾ ڪراچي ۾ رھندڙ سولنگي برادري جي ماڻھن جي ميمبرسازي، سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ برادري جي غريب ۽ بيروزگار ماڻھن کي پيش ايندڙ مختلف مسئلن جي حل بابت غور ويچار ڪيو ويو ۽ نوجوانن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جي حوالي سان بھ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي مرڪزي عھديدار عبدالخالق سولنگي چيو تھ تنظيم جي ڪوشش ھوندي آھي تھ برادري جي ماڻھن جي ڏک سک ۾ سندن ساٿ ڏجي ۽ ان حوالي سان سندن ممڪن مدد ڪري سگھجي.
0 تبصرے