English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ورهاست ڪنهن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪئي ويندي: صوبائي وزير علي حسن زرداري
126 views
|
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول (رپورٽر) صوبائي وزير جيل خانا جات ۽ ورڪس اينڊ سروسز حاجي علي حسن زرداري سجاول لڳ نودو ٻارڻ پهچي پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي سجاول جي صدر ڊاڪٽر اقبال ميمڻ سان سندس ڀاء ۽ پيپلز پارٽي سجاول جي سرگرم اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ سان سندس سئوٽ جي وڇوڙي تي تعزيت ڪئي ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاء فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي خان ملڪاڻي پڻ ساڻس گڏ موجود هو. صوبائي وزيرن مرحوم جي مغفرت، بلند درجن ۽ وارثن لاء صبر جميل جي دعا گهري. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حاجي علي حسن زرداري چيو تہ گريڊ هڪ کان چار تائين جي نوڪرين لاءِ ميرٽ جو ڪو واضح طريقي ڪار موجود ناهي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ان حوالي سان ڪو قابل عمل معيار موجود آهي تہ اهو آگاهه ڪري. هن چيو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي سڄي سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ ضلعي سجاول ۾ ڪيڊٽ ڪاليج سميت ٻيا تعليمي ادارا پڻ قائم ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو تہ ٺٽو–سجاول ڊيول ڪيريج روڊ سميت سمورا مين روڊ تعمير ڪيا ويندا، جڏهن تہ ضلعي سجاول جي عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سموريون ضروري سرڪاري آفيسون پڻ قائم ڪيون وينديون. صحافين جي هڪ سوال جي جواب ۾ حاجي علي حسن زرداري چيو تہ ضلعي ٺٽي ۾ ڪنهن صحافي خلاف داخل ڪيل ڪيس بابت کيس ڪا ڄاڻ ناهي. هن واضح ڪيو تہ سنڌ جي ورهاست ڪنهن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪئي ويندي، ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو جيڪو موقف آهي، اهو ئي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي سموري قيادت جو گڏيل موقف آهي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ادي ريحانہ لغاري، چيئرمين ضلعي ڪائونسل سجاول دانش خان ملڪاڻي، چيئرمين ضلعي ڪائونسل ٺٽو عبدالحميد پهنور، اقبال موسيٰ چانڊيو، ارباب رميز ميمڻ، پاڪستان پيپلز پارٽي ٺٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، شاهنواز لوهار، پير رحماني، عبدالغني بگهيار سميت پاڪستان پيپلز پارٽي سجاول ۽ ٺٽي جا ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
صوبائي وزير علي حسن زرداري
سنڌ جي ورهاست ڪنهن بہ صورت
0 تبصرے