English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
56 views
|
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪربلا جي شهيدن جي چهلم جي موقعي تي ضلعي عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ ۽ سندس جانثار ساٿين کي ڀيٽا عقيدت پيش ڪئي وئي، مرڪزي ماتمي جلوس پنج پير امام بارگاهه مان برآمد ٿيو، جنهن ۾ هزارين عزادارن، عالمن، ماتمي انجمنن، نوجوانن ۽ اهلِ بيتؑ سان محبت رکندڙ مختلف مڪتبِ فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جلوس پنهنجي روايتي رستن تان گذرندي مختلف هنڌن تي پهتو، جتي مجلسونِ عزا، نوحه خواني، سينه زني ۽ زنجير زني جو سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته عزادارن لاءِ سبيلن ۽ نياز جو پڻ ڀرپور اهتمام ڪيو ويو، مارڪيٽ چوڪ تي مرڪزي مجلسِ عزا منعقد ڪئي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي معروف عالمِ دين علامه مولانا ارشاد علي عرفاني واقعي ڪربلا جي عظمت، فلسفي شهادت، صبر، حق، انصاف ۽ حضرت امام حسينؑ جي لازوال قربانين تي تفصيلي روشني وڌي، هن چيو ته ڪربلا جو پيغام هر دور ۾ ظلم خلاف ثابت قدم رهڻ، حق جو ساٿ ڏيڻ ۽ انسانيت جي سربلندي جو درس ڏئي ٿو، ان کان پوءِ ماتمي جلوس اڳتي وڌيو ته مارڪيٽ چوڪ ۽ الله والا چوڪ تي عزادارن زنجير زني ۽ سينه زني ڪري شهيدنِ ڪربلا کي پرسہ پيش ڪيو، زخمي ٿيندڙ عزادارن کي موقعي تي قائم ميڊيڪل ڪئمپن ۾ فوري طبي امداد فراهم ڪئي وئي، جلوس بخاري امام بارگاهه پهتو، جتي عزادارن نمازِ مغرب باجماعت ادا ڪئي، نماز کان پوءِ جلوس ٻيهر پنهنجي روايتي رستي تان روانو ٿيو ۽ آخرڪار نبن سرڪار امام بارگاهه پهچي اختتام پذير ٿيو، جتي اختتامي مجلسِ عزا منعقد ڪئي وئي، اختتامي مجلس ۾ شهيدنِ ڪربلا کي ڀيٽا عقيدت پيش ڪئي وئي، نوحه خواني ڪئي وئي ۽ ملڪ جي سلامتي، امن، اتحادِ امت ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، چاليهين جي جلوس جي هڪ نمايان خصوصيت هندو برادري جي ڀرپور شرڪت پڻ رهي، جنهن سبيلن ۽ ٻين انتظامن ۾ حصو وٺي عمرڪوٽ جي بين المذاهب هم آهنگي ۽ رواداري جي روايت کي هڪ ڀيرو ٻيهر اجاگر ڪيو، ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سيد امير علي شاهه پڻ جلوس ۽ مجلسنِ عزا ۾ شرڪت ڪئي، هن عزادارن سان ملاقات ڪئي، انتظامن جو جائزو ورتو ۽ حضرت امام حسينؑ ۽ شهيدنِ ڪربلا جي عظيم قربانين کي امتِ مسلمه لاءِ اتحاد، صبر ۽ حق تي ثابت قدم رهڻ جو دائمي پيغام قرار ڏنو، چهلم جي موقعي تي رينجرز، پوليس، ضلعي انتظاميه ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن طرفان فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا، جلوس جي سمورن رستن تي اهلڪار مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته داخلا ۽ نڪرڻ وارن رستن جي نگراني، طبي امدادي مرڪزن ۽ ريسڪيو ٽيمن جي موجودگي سبب سموريون مذهبي تقريبون پرامن ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم
0 تبصرے