نوشهرو فيروز ۾ معذورن جي الائونس ۾ ٿيل واڌ تي عمل نھ ٿيڻ خلاف احتجاج

نوشهرو فيروز ۾ معذورن جي الائونس ۾ ٿيل واڌ تي عمل نھ ٿيڻ خلاف احتجاج

نوشهرو فيروز (ڊر)سنڌ حڪومت پاران معذور سرڪاري ملازمن لاءِ اعلان ڪيل وڌايل الائونس تي عملدرآمد نه ٿيڻ خلاف مختلف سرڪاري کاتن جي معذور ملازمن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس نوشهرو فيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڳ ۾ هر معذور ملازم کي 6 هزار رپيا معذوري الائونس ڏنو ويندو هو، جڏهن ته سنڌ حڪومت تازو پيش ڪيل بجيٽ ۾ ان ۾ 4 هزار رپين جو اضافو ڪري الائونس 10 هزار رپيا مقرر ڪيو آهي. مظاهرين الزام هنيو ته ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس نوشهرو فيروز اڃا تائين حڪومت جي اعلان تي عمل نه ڪيو آهي، جنهن سبب کين وڌايل 10 هزار رپين وارو الائونس ادا نه پيو ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت جي اعلان موجب فوري طور معذور ملازمن کي وڌايل الائونس جاري ڪيو وڃي، جيئن هو مالي پريشانين مان نڪري سگهن. احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا منظور نه ڪيا ويا ۽ کين سندن حق نه ڏنو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.