يو سي 3 بلديه ٽائون جي ڪائونسلر نازيه رياض ڪي ايم سي جي پارلياماني ليڊر نجمي عالم سان ملاقات ڪئي
ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي ضلعي ڪياماڙي جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ۽ يو سي 3، بلديه ٽائون جي عورت ڪائونسلر نازيه رياض گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار ۽ ڪي ايم سي جي پارلياماني ليڊر سيد نجمي عالم سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران يونين ڪائونسل اندر جاري ترقياتي منصوبن ۽ ٻين عوامي مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير جي صلاحڪار مسئلن جي جلد حل ۽ ترقياتي منصوبن جي مقرر وقت اندر مڪمل ٿيڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور سهڪار جي يقين ڏياريو.
0 تبصرے