ڪوٽڙي ڀرسان ملاح برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 8 زخمي

گوليون لڳڻ سبب شيراز ملاح ٿڏي تي مارجي ويو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل

ڪوٽڙي ڀرسان ملاح برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 8 زخمي

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙيءَڀرسان ملاح برادريءَ جي ٻنڌرين ۾ جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل، ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا ڪارو کَهو واري علائقي ۾ ملاح برادري جي ٻنڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙوٿي پيو جهيڙي ۾ ڪهاڙين ۽ لٺين جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو، ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ پڻ ڪئي گوليون لڳڻ سبب شيراز ملاح نالي ڳوٺاڻوٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن تہلٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ عامر ملاح، عزيز، سجاد، عبدالرحيم، صادق، اصغر ملاح ۽ ٻيا شامل آهن زخمين کي ڊي ايڇڪيو اسپتال ڪوٽڙيءَ منتقل ڪيو ويو واقعي واري هنڌ پوليس اٽالن پهچي جهيڙي تي ضابطو آندو، پ پ ايم پي اي حنا دستگير پڻ واقعي واري هنڌ پهچي وئي