پ پ عوامي پارٽي آهي ۽ عوام جي بي لوث خدمت کي پنهنجو فرض سمجهي ٿي: بئريسٽر اسفند يار کرل

پ پ هميشه جمهوريت جي مضبوط بحالي، آئين جي بالادستي لاءِ ڪوشان رھي آھي: سينيٽر سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري

پ پ عوامي پارٽي آهي ۽ عوام جي بي لوث خدمت کي پنهنجو فرض سمجهي ٿي: بئريسٽر اسفند يار کرل

هڱورجا(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ۽ پي ايس-30 گمبٽ–سوڀوديرو جي ضمني چونڊ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار بئريسٽر اسفند يار کرل چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي پارٽي آهي ۽ عوام جي بي لوث خدمت کي پنهنجو فرض سمجهي ٿي. اهي ڳالهيون هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ خليفو هرياهه ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن ممتاز هرياهه ۽ غلام مجتبيٰ هرياهه پاران ڪوٺايل هڪ وڏي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيون.ان موقعي تي خطاب ڪندي سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه جمهوريت جي مضبوط بحالي، آئين جي بالادستي ۽ عوام جي حقن لاءِ تاريخي قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو تہ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد عوام جي خدمت ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ هئي، جنهن جي مشن کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ اڳتي وڌايو پيو وڃي.پيپلز پارٽي جي اميدوار بئريسٽر اسفند يار کرل خطاب ڪندي چيو ته 16 آگسٽ تي پي ايس-30 جو باشعور عوام تير جي نشان تي ٺپو هڻي پاڪستان پيپلز پارٽي کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ روڊن، تعليم، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن تي تاريخي ڪم ڪرايا آهن، جنهن سبب عوام هر چونڊ ۾ پيپلز پارٽي تي پنهنجو اعتماد ظاهر ڪندو رهيو آهي.هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام سان ڪيل واعدن کي عملي جامو پارائڻ تي يقين رکي ٿي ۽ مستقبل ۾ به تڪ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ ترقياتي ڪمن جو سلسلو جاري رکيو ويندو. هنن چيو ته مخالف ڌريون عوام کي گمراهه ڪرڻ ۾ ناڪام ٿينديون، ڇو ته عوام هاڻي خدمت ڪندڙ ۽ نعريباز سياست ۾ فرق چڱيءَ ريت سمجهي ٿو.عوامي ميڙاڪي ۾ علائقي جي معززن، پارٽي ڪارڪنن، نوجوانن ۽ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي، جن پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار بئريسٽر اسفند يار کرل جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي 16 آگسٽ تي تير جي نشان تي ووٽ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.جلسي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد محرم علي شاھ لڪياري. سيد فھد حسين شاھ جيلاني. سيد صدا حسين شاھ .سيد حسن رضا شاھ لڪياري.گدا حسين سھتو. قلندر بخش راڄپر. سميت پ پ پ ڪارڪنن جي وڏي شرڪت ڪئي.