سنڌ ڪلچرل فورم ضلعي ٺٽي جي اهتمام هيٺ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي ياد ۾ تقريب

تقريب دوران "وڻ پوکيو، ماحولياتي آلودگي گهٽايو" مهم تحت انڊس اسپتال مڪلي ۾ وڻ پوکيا ويا

سنڌ ڪلچرل فورم ضلعي ٺٽي جي اهتمام هيٺ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي ياد ۾ تقريب

ٺٽو(شفيق ڀٽي) سنڌ ڪلچرل فورم ضلعي ٺٽي جي اهتمام هيٺ ٺٽي ڄائي، ننڍي کنڊ جي نامياري سياسي اڳواڻ، صحافي ۽ مفڪر شيخ عبدالمجيد سنڌي جي ياد ۾ "وڻ پوکيو، ماحولياتي آلودگي گهٽايو" مهم تحت انڊس اسپتال مڪلي ۾ مختلف قسمن جا وڻ پوکيا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو، انڊس اسپتال مڪلي جي ايڊمن الطاف حسين لسڪاڻي، سنڌ سجاڳ سماجي تنظيم جي صدر محمد ابراهيم هيجب، ينگ ٽيچرز ايسوسيئيشن ضلعي ٺٽي جي صدر بشير احمد جوکيو، سيد تنوير شاهه، ثاقب جاکرو ۽ ٻين چيو ته شيخ عبدالمجيد سنڌي جي سڄي زندگي حق گوئي، اصول پسندي، قرباني، جدوجهد ۽ سنڌ سان محبت جو روشن مثال رهي. هنن چيو ته 1938ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيل مسلم ليگ ڪانفرنس دوران شيخ عبدالمجيد سنڌي پاران پيش ڪيل ٺهراءُ کي پاڪستان جي تصور بابت شروعاتي سياسي اظهار طور به اهميت حاصل آهي. مقررن چيو ته شيخ عبدالمجيد سنڌي ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ قومي، سياسي، سماجي ۽ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته الامين ۽ الوحيد اخبارن کي اصولي صحافت ۽ سياسي سجاڳي جو مؤثر مورچو بڻايو. هنن وڌيڪ چيو ته شيخ صاحب اصل ۾ ٺٽي جي ديوان خاندان سان تعلق رکندو هو ۽ بعد ۾ اسلام جي تعليمات کان متاثر ٿي مسلمان ٿيو. سنڌ جي بمبئي کان علحدگي ۽ ون يونٽ جي خاتمي لاءِ سندس تاريخي جدوجهد هميشه ياد رکي ويندي. مقررن سنڌ ڪلچرل فورم جي ڪارڪنن جي علمي، ادبي، سماجي سجاڳي سان گڏ ماحولياتي تحفظ لاءِ هلندڙ مهم کي ساراهيندي چيو ته وڻڪاري وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ اهڙيون مهمون ماحولياتي آلودگي جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. تقريب ۾ سيد اظهار علي شاهه، لال بخش جوڻيجو، ياسين چانڊيو، اعجاز ملاح ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.