English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اين جي اوز جو اجلاس
65 views
|
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
هاليجي ڍنڍ سميت ضلعي ٺٽي جا تاريخي، ثقافتي ۽ قدرتي ماڳ سنڌ جو قيمتي ورثو آهن: سرمد علي ڀاڳت
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اين جي اوز جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر وليد احمد ڏاوچ، پرو وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس ميڊم مسباح قريشي، ایڈیشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي ۽ مختلف اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت اين جي اوز جي نمائمدن کي هدايت ڪئي ته 13 آگسٽ تي هاليجي ڍنڍ تي منعقد ٿيندڙ ثقافتي ميلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري خوبصورت ثقافتي اسٽال قائم ڪن ۽ پاڪستان جي جشن آزادي جي مناسبت سان قومي جهنڊن ذريعي هاليجي ڍنڍ جي ماحول کي وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.هن چيو ته هاليجي ڍنڍ سميت ضلعي ٺٽي جا تاريخي، ثقافتي ۽ قدرتي ماڳ سنڌ جو قيمتي ورثو آهن، جن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.هن وڌيڪ چيو ته ٺٽو ٽن سؤ سالن کان وڌيڪ عرصي تائين سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي ۽ تعليم، تهذيب ۽ تمدن جو اهم مرڪز رهيو آهي.ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڪينجهر ڍنڍ، مڪلي، شاهجهان مسجد، ڀنڀور، هاليجي ڍنڍ ۽ سامونڊي پٽي جهڙا ماڳ دنيا جي سياحن لاءِ وڏي ڪشش رکن ٿا، تنهن ڪري اهڙين سرگرمين ذريعي ٺٽي جي تاريخي، ثقافتي ۽ سياحتي سڃاڻپ کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن هاليجي ڍنڍ تي منعقد ٿيندڙ ثقافتي ميلي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت اميد ظاهر ڪئي ته هي ميلو نه رڳو هاليجي ڍنڍ جي عالمي اهميت کي اجاگر ڪندو پر جشن آزادي جي قومي جذبي کي پڻ هٿي ڏيندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
غلامﷲ ۾ پوليو ورڪرن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي شيخ محلي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي
0 تبصرے