English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: بوائز ڊگري ڪاليج گلشن حديد ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف
68 views
|
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊگري ڪاليج جي عمارت استاد،پروفيسر توڙي عملو نھ اچڻ سبب ڀوت بنگلي جو ڏيک ڏيڻ لڳي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج گلشن حديد پپري بن قاسم، گڊاپ ٽائون ملير جي مبينا خراب صورتحال تي مقامي شهرين ۽ سماجي حلقن سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي مستقبل جي نسلن سان ناانصافي قرار ڏنو آهي شهرين جو چوڻ آهي ته ڪاليج ۾ تدريسي ۽ انتظامي معاملا سوالن جي گهيري ۾ اچي ويا آهن. سندن مطابق ڪاليج ۾ عملي، استادن، پروفيسرن ۽ انتظاميا جي غير موجودگي بابت شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن، جڏهن ته ڪجهه حلقن پاران "ڀوت ملازمن" جي موجودگي جا الزام پڻ هنيا پيا وڃن ذريعن موجب، هن معاملي جون تفصيلون صوبائي وزير تعليم سردار شاهه ۽ سندس پرسنل سيڪريٽري ۽ ڪوآرڊينيٽر کي پڻ موڪليون ويون آهن، جڏهن ته شهرين مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري ۽ شفاف جاچ نه ڪئي وئي ته معاملو قومي احتساب جي لاڳاپيل ادارن آڏو پڻ اٿاريو ويندو مقامي ماڻهن چيو ته هي صرف هڪ تعليمي اداري جو مسئلو ناهي، پر علائقي جي نوجوانن جي مستقبل ۽ تعليم جي حق جو معاملو آهي. هنن سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته ڪاليج جي صورتحال جو فوري نوٽيس وٺي، حاضري رڪارڊ، تدريسي سرگرمين ۽ انتظامي معاملن جي مڪمل جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي شهرين اهو به چيو ته هو تعليمي ادارن ۾ مبينا ڪرپشن ۽ غفلت خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندا رهندا ته جيئن ايندڙ نسلن کي معياري ۽ بهتر تعليمي سهولتون فراهم ٿي سگهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
غلامﷲ ۾ پوليو ورڪرن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي شيخ محلي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: بوائز ڊگري ڪاليج گلشن حديد ۾ بي
0 تبصرے