احتجاج سنڌ جي هزارين پڙهيل لکيل نوجوانن سان ٿيل ناانصافي خلاف آهي، اسان مڪمل حمايت ڪريون ٿا: سگا اڳواڻ
نوشهروفيروز(ڊر) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) جي مرڪزي قيادت سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين چنه,سيڪريٽري اطلاعات احمد حسن پنهور,ميمبر سي اي سي پيرل خان کوسو,ميمبر سي اي سي فقير محمد زمان دايو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) حيدرآباد آفيس جي ٻاهران سنڌ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي لڳل ڌرڻي ۽ اڻ اعلانيل مدي تائين جاري احتجاجي ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ متاثر شاگردن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.سگا جي مرڪزي قيادت واضح ڪيو ته هي احتجاج سنڌ جي هزارين پڙهيل لکيل نوجوانن سان ٿيل ناانصافي خلاف آهي. هنن چيو ته گڏيل چٽاڀيٽيءَ جي امتحان CCA جي تڪراري نتيجن کانپوءِ سنڌ جي باشعور نوجوانن پاران شروع ڪيل هيءَ منظم تحريڪ جو نوٽيس ورتو وڃي,هنن مطالبو ڪيو ته CCA جي نتيجن جي فوري طور شفاف جاچ ڪرائي وڃي,اڳواڻن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جا شاگرد موجوده نتيجن کي ميرٽ جو کلم کلا لتاڙ سمجهن ٿا، جنهن تحت سفارش رکندڙ جي ماڻهن کي نوازي سنڌ جي لائق ۽ قابل فرزندن سان تاريخي ويساھ گھاتي ڪئي وئي آهي.سگا مرڪزي قيادت زور ڏنو ته SPSC جي گذريل پنجن سالن جي دور ۾ ورتل سمورن امتحانن، ڀرتين ۽ نتيجن جو آزاد، غيرجانبدار ۽ عالمي معيار جو فورنسڪ آڊٽ ڪرايو وڃي ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪندڙ سمورن ڪردارن کي قانونسازي جي سخت ترين دائري ۾ آندو وڃي,ته جيئن سنڌ مان ميرٽ جي لتاڙ جو خاتمو آڻي ميرٽ جي حقيقي بحالي کي يقيني بڻائي سگهجي.
0 تبصرے