نوشهرو فيروز (ڊر) ڊسٽرڪٽ جيل نوشهرو فيروز ۾ قيد انڊر ٽرائل قيدي صيف الله عمراڻي عرف صيفل جي طبيعت اوچتو خراب ٿيڻ سبب کيس پهرين سول اسپتال نوشهرو فيروز منتقل ڪيو ويو، جتان حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاه ريفر ڪيو ويو، جتي علاج دوران هو فوت ٿي ويو. جيل انتظاميا موجب قيدي صيف الله عمراڻي کي سيني ۾ شديد سور جي شڪايت ٿيڻ تي هنگامي بنيادن تي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو بچي نه سگهيو. فوتي بابت ٻڌايو ويو ته هو ٽنڊو آدم جو رهواسي هو ۽ درياخان مري پوليس کيس 6 ڊسمبر 2025ع تي چرس رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ايف آءِ آر نمبر 119/2025 داخل ڪئي هئي، جڏهن ته سندس خلاف دوڙ ٿاڻي تي به ايف آءِ آر نمبر 135/2025 داخل ٿيل هئي. هو ٻنهي ڪيسن ۾ انڊر ٽرائل قيدي طور ڊسٽرڪٽ جيل نوشهرو فيروز ۾ قيد هو. جيل انتظاميا موجب قانوني گهرجن تحت پوسٽ مارٽم لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شهيد بينظير آباد کي خط لکيو ويو، جنهن بعد جج جي نگراني ۾ پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاه ۾ پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
0 تبصرے