صحافت رياست ۽ عوام جي وچ ۾ مضبوط ۽ اثرائتي رابطي جو اهم ذريعو آهي: اياز شاھھ شيرازي

ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي نيشنل پريس ڪلب سجاول جو دورو ڪيو، صحافين سان ملاقات

صحافت رياست ۽ عوام جي وچ ۾ مضبوط ۽ اثرائتي رابطي جو اهم ذريعو آهي: اياز شاھھ شيرازي

سجاول (رپورٽر) ميمبر قومي اسيمبلي سيد اياز علي شاھ شيرازي نيشنل پريس ڪلب سجاول جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن صحافين سان ملاقات ڪندي نيشنل پريس ڪلب جي خدمتن کي ساراهيو ۽ صحافي برادري سان هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. نيشنل پريس ڪلب سجاول پهچڻ تي صدر حافظ سعدالله ميمڻ ۽ ٻين صحافين سندس آڌرڀاءُ ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي چيو تہ نيشنل پريس ڪلب سجاول عوامي مسئلن کي مؤثر نموني اجاگر ڪري رهيو آهي، جڏهن تہ صحافت رياست ۽ عوام جي وچ ۾ مضبوط ۽ اثرائتي رابطي جو اهم ذريعو آهي. هن چيو تہ نيشنل پريس ڪلب جي صحافين هميشا سچ جو آواز بلند ڪيو آهي ۽ غيرجانبدار صحافت کي هٿي ڏني آهي. هنن مٿان ڪيس داخل ٿيا، پر پوءِ بہ هو پنهنجي اصولي موقف تان نہ هٽيا. سيد اياز علي شاھ شيرازي چيو تہ نيشنل پريس ڪلب سجاول ضلعي جو واحد رجسٽرڊ ادارو آهي، جتي صحافين جو سڀ کان وڏو انگ موجود آهي. هن نيشنل پريس ڪلب جي عمارت جي تعمير سميت صحافين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جو يقين ڏياريو. هن وڌيڪ چيو تہ پاڪ فوج هر ڏکئي گهڙيءَ ۾ قومي سلامتي ۽ خودمختياري جي حفاظت کي يقيني بڻايو آهي، جڏهن تہ وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيد سڄي قوم جو فخر آهن. هن چيو تہ قومي سلامتي جي معاملي تي سڄي قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي. سندس چوڻ هو تہ ڏينهن هجي يا رات، هو سجاول ۽ ٺٽي ضلعن جي عوام جي خدمت لاءِ هر وقت موجود آهي، ۽ عوامي مسئلن جو حل سندس پهرين ترجيع آهي. دوري جي پڄاڻي تي نيشنل پريس ڪلب سجاول جي صحافين سيد اياز علي شاھ شيرازي جو ٿورو ادا ڪيو ۽ صحافي برادري کي درپيش مسئلن بابت پڻ آگاھ ڪيو.