سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو اسرداس ھيمنائي پاران ڪاروباري منصوبن جو دورو

سکديو اسرداس ھيمنائي ايس آر ايس او جي سھڪار سان پي پي آر پي تحت قائم منصوبن جو دورو ڪيو

سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو اسرداس ھيمنائي پاران ڪاروباري منصوبن جو دورو

ميرپور ماٿيلو (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سُکديو اسرداس هيمناني ضلعي گهوٽڪي ۾ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (SRSO) جي سهڪار سان حڪومت سنڌ جي مالي مدد هيٺ هلندڙ پيپلز پاورٽي ريڊڪشن پروگرام (PPRP) تحت قائم مختلف ڪاروباري منصوبن جو دورو ڪيو. دوري جو مقصد بنا وياج قرضن ذريعي ڪاروبار، روزگار، عورتن جي بااختياري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پائيدار معاشي ترقي تي پيل اثرن جو جائزو وٺڻ هو. ان موقعي تي سرسو جي ريجنل جنرل مئنيجر عامر عباس منگي، سينئر ضلعي مئنيجر عاشق علي ڪلواڙ، اسسٽنٽ مئنيجر اي ڊي ايف پروين مهر، سينئر مانيٽرنگ اينڊ ايويليويشن آفيسر زاهد علي ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. سنڌ حڪومت جي ترجمان محمد عدنان ۽ اوم پرڪاش جي پاور لائنر پي وي انورٽر اينڊ بيٽري چارجر فيڪٽري جو دورو ڪيو، جيڪا 70 هزار رپين جي بنا وياج قرض سان قائم ڪئي وئي آهي. فيڪٽري ۾ پي وي انورٽر ۽ بيٽري چارجر تيار ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته هتي 27 ڄڻن کي روزگار فراهم ڪيو ويو آهي، جن ۾ اليڪٽرانڪ اسيمبلي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عورتون پڻ شامل آهن. بعد ۾ هن پون ڪمار جي گارمينٽس ٽيلرنگ يونٽ جو دورو ڪيو، جنهن کي پيپلز پاورٽي ريڊڪشن پروگرام تحت 10 لک رپين جو بنا وياج قرض فراهم ڪيو ويو هو. هي يونٽ هاڻي جديد گارمينٽس تيار ڪندڙ اداري جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي ۽ 37 مقامي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪري رهيو آهي. ترجمان قائم ڪيل انڊور اينڊ آئوٽ ڊور پلانٽ نرسري جو پڻ دورو ڪيو، جيڪا 5 لک رپين جي بنا وياج قرض سان قائم ڪئي وئي آهي. هي نرسري ڪاميابي سان پنهنجي ڪاروبار کي وڌايو آهي ۽ معياري آرائشي ٻوٽن جي فراهمي سان گڏ مقامي ماڻهن لاءِ پائيدار روزگار جا موقعا پيدا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي ترجمان سُکديو اسرداس هيمناني چيو ته حڪومت سنڌ جو پيپلز پاورٽي ريڊڪشن پروگرام ٻهراڙي وارن علائقن ۾ خود روزگاري، ڪاروباري سرگرمين، روزگار جي موقعن ۽ عورتن جي معاشي بااختياري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پي پي آر پي، سنڌ پيپلز هائوسنگ فار پور (SPHF) ۽ حڪومت سنڌ جا ٻيا ترقياتي پروگرام صوبي ۾ غربت جي خاتمي ۽ سماجي توڙي معاشي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن