English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ ڳوٺ سومراڻي جي رهواسين جو زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج
153 views
|
15th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
مظاھرين پاران بااثر شخص ۽ لاڳاپيل روينيو عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو
شڪارپور (احسان ابڙو ) شڪارپور جي لکي غلام شاھہ لڳ 22 جريب زمين تي مبينا قبضي خلاف ڳوٺ سومراڻي جي رهواسين جو احتجاج، انصاف جو مطالبو چڪ ڀرسان ڳوٺ سومراڻي شريف جي رهواسين پنهنجي 22 جريب زرعي زمين تي قبضي خلاف ميڊيا سينٽر چڪ آڏواحتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ زمين جا کاتا ۽ ٻيا قانوني دستاويز کڻي بااثر شخص ۽ لاڳاپيل روينيو عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.غلام قادر ڀٽو، ممتاز ڀٽو، عبدالصمد ڀٽو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته سندن 22 جريب زمين جا اصل کاتا، اوتارا ۽ مالڪي جا سمورا قانوني دستاويز وٽن موجود آهن، جڏهن ته هو هر سال زمين جي ڍل پڻ روينيو کاتي کي ادا ڪندا رهيا آهن، جنهن جون رسيدون به وٽن موجود آهن. هنن چيو ته بااثر انور سومرو سندن زمين تي مبينا قبضو ڪري ويٺو آهي، کين پنهنجي زمين تي وڃڻ کان روڪيو پيو وڃي ۽ مختلف طريقن سان ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن.غلام قادر ڀٽو چيو ته هو قانوني مالڪ هجڻ باوجود پنهنجي ئي زمين مان بي دخل آهن، جڏهن ته روينيو کاتو سندن نالي تي ڍلون به وصول ڪري رهيو آهي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي.ممتاز ڀٽو الزام هنيو ته تپيدار راحيل عباسي زمين جي ٽن ڀيرا ماپ ڪرائڻ جي مد ۾ کانئن 6 لک رپيا ورتا، پر اڄ تائين نه مسئلو حل ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي هاڻي کين منهن ڏئي ٿو.عبدالصمد ڀٽو چيو ته هو ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل اختيارين کي دانهن ڏئي چڪا آهن، پر سندن فرياد ٻڌڻ وارو ڪو به ناهي. هنن سنڌ حڪومت، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي سندن زمين تان مبينا قبضو ختم ڪرائي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.ٻئي طرف، الزام هيٺ آيل انور سومرو سان موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
بشکیک: پاکستان کی قیادت
04th Sep 2026
•
سندھ
کراچی میں کارکنان کی گرفتاری دہشتگردی کے مقدمات قابلِ مذمت ہیں، کاشف سعید شیخ
04th Sep 2026
•
تازہ ترین
پی ای سی کا ملک بھر میں 1,400 گریجویٹ انجینئرز کے لیے اسکل ڈویلپمنٹ ٹریننگ کا آغاز
02nd Sep 2026
•
کھیل
ٹچ می ٹرافی انڈر 15 انٹر زونل کرکٹ ٹورنامنٹ
04th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
بشکیک: پاکستان کی قیادت
04th Sep 2026
•
سندھ
کراچی میں کارکنان کی گرفتاری دہشتگردی کے مقدمات قابلِ مذمت ہیں، کاشف سعید شیخ
04th Sep 2026
•
تازہ ترین
پی ای سی کا ملک بھر میں 1,400 گریجویٹ انجینئرز کے لیے اسکل ڈویلپمنٹ ٹریننگ کا آغاز
02nd Sep 2026
•
کھیل
ٹچ می ٹرافی انڈر 15 انٹر زونل کرکٹ ٹورنامنٹ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور ۾ ڳوٺ سومراڻي جي رهواسين
0 تبصرے