ڳوٺ فيض محمد ڪلھوڙو ۾ جوابدارن ڪهاڙيون هڻي طالب ڪلهوڙو کي قتل ڪري ڇڏيو
نئون ڳوٺ (رپورٽر) نئون ڳوٺ جي ڪچي واري علائقي شاھپنجو ٿاڻي جي حد ۾ گذريل رات ڳوٺ فيض محمد ڪلھوڙو ۾ زرعي زمين تي سولر پليٽن ۽ موٽر جي مالڪي ڪندڙ نوجوان طالب ڪلھوڙو کي نامعلوم ھٿيار بندن ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪري ويا مقتول جي ڀاء نورمحمد ڪلھوڙو ٻڌايو ته منهنجي ڀاء کي ماروٽن بيدردي سان ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪري ويا آھن اطلاع تي پوليس پھچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاء ميھڙ کڻائي وئي رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او شاھپنجو رسول بخش پنھور ٻڌايو ته نوجوان جو قتل زاتي دشمني سبب ٿيو آ مقتول جو پنهنجي مامن سان پلاٽ جي مالڪي تي مامرو ٿيو ھيو جنھن جو فيصلو اڳوڻي ايم پي اي معظم خان عباسي وٽ نبريو ھو مقتول طالب ڪلھوڙو رات جو پنھنجي زمين تي سولر جي مالڪي لاء ستل ھيو ته سندس کي ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي ھن ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪاروائي بعد وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين
0 تبصرے